آمريڪي عدالت ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي عدالت ٽڪ ٽاڪ ڊائون لوڊ تي پابندي جي ٽرمپ انتظاميه جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ  اداري موجب واشنگٽن جي وفاقي عدالت طرفان اهو مختصر فيصلو ٽڪ ٽاڪ جي درخواست تي ڏنو ويو. ٽرمپ انتظاميه چيني ايپ  تي قومي سلامتي جي لاءِ  خطرو قرار ڏنو آهي ۽ سومر جي رات 12 وڳي کان ايپ جي ڊائون لوڊ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو پر چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ کي 12 نومبر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو.  عدالت 12 نومبر کان ٽڪ ٽاڪ جي استعمال تي پابندي جي حڪم نامي کي معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ٽرمپ انتظاميه چيني لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي پر ٽڪ ٽاڪ به آمريڪي صدر جي ان قدم کي عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

جاتي ۾ پي ٽي آءِ پاران 250 راشن بيگ مستحق غريب خاندانن ۾ راشن ورھايا ويا

Read Next

لوڊو راند ۾ شڪست کان پوءِ ڌيءَ پيءُ خلاف عدالت پهچي وئي

Most Popular