لوڊو راند ۾ شڪست کان پوءِ ڌيءَ پيءُ خلاف عدالت پهچي وئي

نئين دهلي: کٽڻ ۽ هارائڻ راند جو حصو هوندو آهي ۽ هارائڻ کان پوءِ پنهنجي جذبات  تي ڪنٽرول رکڻ سٺي رانديگر جي نشاني هوندي آهي. پر اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن لوڊو راند ۾ شڪست تي پنهنجي ئي پيءُ جي خلاف عدالت پهچي وئي. رپورٽ موجب ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ ماڻهو گهرن ۾ رهڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهن ۽ غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي گهر وارن سان گڏ وقت گذاري رهيا آهن. ڀارت به هن وقت ڪورونا جي وڪڙ ۾ آهي ۽ اتي به شهرين وقت گذارڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ڪا نه ڪا مصروفيت ڳولي ورتي آهي. اهڙو ئي هڪ گهر ڀارتي شهر بهوپال جو به آهي جتي هڪ 24 ساله ڇوڪري گهر ۾ ٽائم گذارڻ جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ ڀائرن ۽ پيءُ سان گڏ لوڊو راند کيڏڻ شروع ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب جڏهن ڇوڪري پهرين گيم ۾ شڪست کاڌي ته هو پنهنجي پيءُ کان ايتري ڪاوڙجي جو ان معاملي جي حل لاءِ ڪائونسلنگ سيشن شروع ٿي وئي. فيملي ڪورٽ جي ڪائونسلر ٻڌايو ته متاثره ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته ان جي پيءُ جهڙي طرح راند کٽي ان سان منهنجي اعتماد کي ڌڪ لڳو آهي. ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته هن راند کان اڳ مان پنهنجي پيءُ تي اعتماد ڪندي هئس ۽  مون کي اميد نه هئي ته منهنجو پيءُ مون کي شڪست ڏيندو. ڇوڪريءَ ٻڌايو ته جڏهن مان پنهنجي ڀيڻ ڀائرن ۽ پيءُ سان گڏ لوڊو راند کيڏي رهي هئس ته  منهنجي پيءُ منهنجون  گهوٽيون ماريون جنهن سبب منهنجي اعتماد کي تڪليف پهتي. عورت وڪيل جو چوڻ آهي ته پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي چيڙائڻ لاءِ ڪيتريون ئي راندين ۾ کيس شڪست ڏني. جنهن کان پوءُ ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي پيءُ چوڻ ئي ڇڏي ڏنو. ان حوالي سان فيملي ڪورٽ جي ڪونسلر جو چوڻ هو ته اهڙن معاملن جو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه ماڻهن کي هار برداشت نه ٿيندي آهي حالانڪه انهن کي اهو سکڻ گهرجي ته هار کي قبول ڪرڻ به ايترو ئي اهم آهي جيترو کٽڻ جي خوشي ملهائڻ.  ڪيترائي ڀيرا لوڊو راند هارائڻ کان پوءِ ڇوڪري پنهنجي گهرن سان ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. پر چار ڪونسلنگ سيشن وٺڻ کان پوءِ ڇوڪري ۽ ان جي گهر وارن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

Read Previous

آمريڪي عدالت ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

آءِ فون 12 جي قيمت ڪيتري هوندي؟

Most Popular