لاهور: هيڊ ڪوچ مصباح الحق زمبابوي جي خلاف سيريز کٽڻ تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن. ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن جي لاءِ اهم قرار ڏنل ٽيم ۾ هن تبديليون نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. مهمان زمبابوي جي خلاف ون ڊي سيريز جي تيارين جي حوالي سان چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق پنهنجو پلان ٻڌائيندي چيو ته ڪمزور ٽيم کي آسان حدف نه وٺو. زمبابوي جي خلاف سيريز ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن جي لاءِ تمام گهڻي اهم آهي ان لاءِ ان کي کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين. 7 آڪٽوبر تي شروع ٿيندڙ سيريز جي لاءِ ٽيم ۾ وڌيڪ ڪي به تبديليون نه ڪنداسين.