ارب پتي ٽرمپ ٻه هزار سورنهن ۽ سترنهن ۾ صرف ست سئو پنجاهه ڊالر ٽيڪس ادا ڪيو

Trump

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ارب پتي هجڻ جي باوجود ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ غريب نڪتو. سال 2016 ۾ اليڪشن جي سال ۽ صدارت جي پهرين سال هن صرف 750 ڊالر انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2017  ۽ 2016 ۾ ساليانو صرف 750 ڊالر انڪم ٽيڪس ادا ڪيو.  آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ پهرين سال جي دوران 750 ڊالر انڪم ٽيڪس ڏنو جڏهن ته ٽرمپ گذريل 15 مان 10 سالن ۾ ڪوبه ٽيڪس ادا نه ڪيو. رپورٽ موجب 2018 تائين ٽرمپ ريئلٽي ٽيليويزن پروگرام سميت ٻين لانسنسنگ ڊيلز مان 42 ڪروڙ 74 لک ڊالر ڪمايا آهن. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٽرمپ 2018 ۾ آمدني جي باوجود 4 ڪروڙ  74 لک ڊالرن جو نقصان ظاهر ڪيو هو.

Read Previous

زمبابوي خلاف سيريز: مصباح ٽيم ۾ وڌيڪ تبديليون نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي وڌيڪ ٻه نوجوان شهيد

Most Popular