ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم لاڳو

اسلام آباد: : احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم  لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ آصف زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ان جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري به ان سان گڏ هئي. آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو. احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر تي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪيس جي هڪ ٻئي جوابدار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان جي حاضري لڳائي وئي. عدالت انور مجيد تي به ان ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي پر انور مجيد به ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. عدالت انور مجيد جي پٽ عبدالغني مجيد تي عدالت جي ڪمري ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو. جڏهن ته جوابدار ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ گرفتار جوابدارن حسين لوائي ۽ طحه رضا جي وڪيلن کي چارج شيٽ جي ڪاپي ڏني وئي. احتساب عدالت جي جج چيو ته حاضري جي لاءِ صحيح سان گڏ انهن الزامن جي فرد جرم به ڏئي ڇڏيو.  جيڪي جوابدار ٻين 2 ريفرنس ۾ نامزد نه آهن اهي وڃي سگهن ٿا. عدالت جي هدايت تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چارج شيٽ پڙهڻ جي لاءِ ڏني وئي. عدالت فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ فريال ٽالپر کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ 3 ڪرپشن ريفرنس ۾ آصف زرداري جون درخواستون رد ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. احتساب عدالت جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس ريفرنس ۾ بري نٿو ڪري سگهجي. ٻئي طرف آصف زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس جو ٽرائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چلينج ڪيو ۽ ٻنهي ريفرنس ۾ بريت جي استدعا ڪئي آهي.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي وڌيڪ ٻه نوجوان شهيد

Read Next

سنڌ مان چونڊيل پارٽي ڪراچي وارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: عمران خان

Most Popular