سنڌ مان چونڊيل پارٽي ڪراچي وارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: عمران خان

عمران خان

پشاور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ مان چونڊيل پارٽي ڪراچي وارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. پنجاب ۾ هڪ شهر کي مٿي اٿاريو ويو باقي پوئتي ڌڪيا ويا. وڌ کان وڌ فنڊ قبائلي علائقن تي خرچ ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته هر حڪومت جو هڪ نظريو هوندو آهي اسان جو نظريو مديني جي رياست آهي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ رياست جي ذميواري هوندي آهي. مديني ۾ دنيا جي پهرين فلاحي رياست ٺاهي وئي. مديني جي رياست ۾ پوڙهن، بيواهن ۽ غريبن جي ذميواري کني وئي. وزيراعظم چيو ته اندرون سنڌ جا قبائلي علائقا تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهن اندرون سنڌ مان چونڊجي ايندڙ ڪراچي وارن لاءِ ڪجهه به ناهن ڪندا. (ن) ليگ جو ڳڙهه سينٽرل پنجاب هو. جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن اسان کي ان تي ڌيان ڏيڻو آهي. ڪوشش آهي ته وڌيڪ فنڊز قبائلي علائقن تي خرچ ڪريون. صوبن واعدو ڪيو هو ته قبائلي علائقن کي 3 سيڪڙو اين ايف سي ايوارڊ ڏينداسين. هاڻ صوبا اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو ڏيڻ لاءِ تيار  نه آهن. عمران خان چيو ته ڪورونا جي ڪري پئسا گهٽ گڏ ٿيا. بلوچستان ۽ قبائلي علائقن کي فنڊز ملڻ گهرجن. فنانس منسٽري کي چيو آهي ته قبائلي علائقن کي فنڊز ڏيو جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي قبائلي علائقن ۾ خوشحالي ناهي آئي.  سڀني کان وڌيڪ غربت قبائلي علائقن مان آهي. واپار وڌڻ سان قبائلي علائقن ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. اهڙا ملڪ موجود آهن جيڪي نٿا چاهين ته افغانستان ۾ امن هجي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون. بارڊر مارڪيٽ کولڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته دشمن نٿا چاهين ته قبائلي علائقن ۾  امن هجي. دشمنن جي ڪوشش آهي ته قبائلي علائقن  ۾ امن لاءِ رڪاوٽون وڌيون وڃن.

Read Previous

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم لاڳو

Read Next

شهباز شريف کي نوازشريف خلاف استعمال ٿيڻ کان انڪار تي گرفتار ڪيو ويو: مريم نواز

Most Popular