والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي وڌيڪ ٻه نوجوان شهيد

سري نگر: قابض ڀارتي فوج ضلعي پلوامه ۾ سرچ آپريشن دوران وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي پلوامه ۾ اچڻ وڃڻ وارن رستن کي بند ڪري قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي گهر گهر تلاشي ورتي جنهن جي دوران جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج فائرنگ ڪري ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارت نواز ڪٺ پتلي انتظاميه شهيد ٿيندڙ نوجوانن کي عسڪريت پسند ثابت ڪرڻ جي لاءِ بي بنياد الزام لڳائڻ ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جو مقابلو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي شهيدن جي وارثن ۽ پاڙي وارن شاهديون پيش ڪري ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو. قابض ڀارتي فوج بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اڏائيندي نوجوانن جي لاشن کي وارثن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي سوين ڪشميري روڊن تي نڪري آيا ۽ هن ظلم ۽ بريريت جي خلاف سخت احتجاج ڪيو. مظاهرين  ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ نعرا به لڳايا. واضح رهي ته ڀارتي فوج جي هٿان هڪ مهينو اڳ شهيد ٿيندڙ نوجوانن بابت ثابت ٿي ويو آهي ته ٽئي نوجوان تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان وادي ۾ آيا هئا جنهن کي ڀارتي فوج عسڪريت ثابت ڪري گوليون هڻي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

ارب پتي ٽرمپ ٻه هزار سورنهن ۽ سترنهن ۾ صرف ست سئو پنجاهه ڊالر ٽيڪس ادا ڪيو

Read Next

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم لاڳو

Most Popular