خيرپور: ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم پگهارون لاءِ احتجاج ڪندي

خيرپور: خيرپور ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ٽي ايم او خيرپور مشتاق جماڻي ميونسپل جي ملازم مجاهد چنو پاران ڪورٽ روڊ تي قائم ڪيل هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ملازم جا سمورا مطالبا منظور ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اعلان بعد جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين امجد مهيسر جوس پياري هڙتالين جي بک هڙتال ختم ڪرائي، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ اياز ڪورائي،ايوب لاشاري، اصغر ڪورائي، مختيار ڀٽي، خرم مهيسر، حاڪم آريجو ۽ ٻيا موجود هئا ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ ميونسپل جي ڪچي ملازم مجاهد چنوپنهنجي گهرواري 4 معصوم معذور ٻارڙن سان گڏجي ڪورٽ روڊ تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال شروع ڪئي هئي ته شهر جي سماجي تنظيمن سندس مطالبي جي حمايت ڪئي هئي .جڏهن ته جسقم پاران ملازم جي حق ۾ ريلي ڪڍي 28سيٽمبرتي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو هيو اعلانيل ڏينهن تي وڏي تعداد ۾ جقسم ڪارڪن ۽ شهري ريلي ڪڍڻ لاءِ گڏ ٿيا. ان کان اڳ ٽي ايم او خيرپور مشتاق جماڻي هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ميونسپل جي ڪچي ملازم کي 6 مهينن جون رهيل پگهارون هڪ وڌيڪ ڪچو آرڊر ۽ نوڪرين تان پابنديون هٽڻ تي کيس پڪو آرڊر ڏيڻ جو اعلان ڪيو اهڙي اعلان کان پوٰءِ جقسم وائيس چيئرمين امجد مهيسر هڙتالين کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي.

Read Previous

اسان کي ٽيررزم کان ٽوئرزم ڏانهن وڃڻو پوندو. صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت

Read Next

ڪورنا بعد رتوديرو جا اسڪول کلي ويا، شاگرد ۾ خوش جي لهر

Most Popular