ڪورنا بعد رتوديرو جا اسڪول کلي ويا، شاگرد ۾ خوش جي لهر


رتوديرو رپورٽ:  عالمي وبا ڪرونا وائرس جي پهلاءُ جي خدشي سبب پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون دوران بند ٿيل پرائمري اسڪول ڇهن مهينن بعد پوري سنڌ جيان رتوديرو ۾ ايس او پيز تحت کلي ويا، شاگردن ۽ شاگرياڻيون هينڊ گلوز ماسڪ پائي اسڪول اچڻ جو شرط رکيو ويو جنهن سبب رتوديرو شهر سميت جمعو اگهم، طيب، بنگلديرو، لاشاري، وليداد گابر، وارثڏنو ماڇي، وسايو ڀٽو، وڏاٻوسڻ، ڪوهري ايٽ ڀانڊو قبو، ڳڙهي خدابخش ڀٽو، پير بخش ڀٽو بهمڻ سميت ٻين يوسين ۾ سوين اسڪولن مان هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻين کي هينڊ گلوز ماسڪ نه هئڻ ڪري ڪلاسن ۾ ويهڻ کان منع ڪيو ويو، ان حوالي سان استادن جو چوڻ هو ته اسان کي حڪم ٿيو آھي ته جنهن ٻار کي ماسڪ پاتل نه هجي ان کي ڪلاس ۾ ويهڻ نه ڏنو وڃي، ٻئي پاسي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين عوامي پريس ڪلب رتوديرو جي صحافين سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ماسڪ ۽ هينڊ گلوز رتوديرو ۾ بليڪ تي وڪرو ٿين ٿا جيڪي اسان غربت سبب خريد نٿا ڪري سگهون جنهن سبب اسان جي ٻارڙن کي اسڪول ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي حڪومت سنڌ تعليم جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪولن ۾ هينڊ گلوز ماسڪ ۽ سينيٽائزر سميت ٻيون ڪرونا کان بچاءُ جون شيون مهيا ڪيون وڃن جئين غربت سبب ماسڪ هينڊ گلوز نه خريد ڪري سگهندڙ ٻارڙا به تعليم پرائي سگهن،

Read Previous

خيرپور: ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم پگهارون لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو محب وطن ۽ ملڪ جا وفادار آھن: حنيد لاکاني

Most Popular