پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو محب وطن ۽ ملڪ جا وفادار آھن: حنيد لاکاني

ڪراچي ( پ ر)  پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي ڀارت ۾ قتل ٿيل 11ھندو پاڪستانين پٺيان سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ ڀارت دھشتگرد ۽ سازشي ملڪ آھي جتي ڪنھن بھ مذھب يا زبان سال تعلق رکندڙ ماڻھو محفوظ ناھن. ھنن را جو ايجنٽ نھ ٿيڻ جو ڏوھ ۾ قتل ڪيو ويو آھي. پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو محب وطني آھن. اھڙن خيالن جو اظھار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو تھ ھڪ دفعو ٻيھر وزيراعظم عمران خان جو خطاب سموري دينا ۾ سرھايو ويو آھي. وزيراعظم ثابت ڪري ڏيکاريو تھ اھو ڪشمير جو سفير آھي. مولانا فضل الرحمان، نواز شريف ۽ زرداري مفاد پرست سياستدان آھن. ھي ماڻھو ملڪ ۽ قوم سان مخلص ناھن. ھڪ ٻي کي روڊن تي گيلڻ وارا ھاڻ وزيراعظم جي اقتدار پـٺيان پيا آھن. حنيد لاکاڻي چيو تھ ھي ماڻھو پنھنجي ڪرپشن بچائڻ جي ڪري واويلا ڪري رھيا آھن. اپوزيشن جماعتن ملڪ بچائڻ لاءِ ڪڏھن بھ ڪا ڪوشش نھ ڪئي ھوندي. توشا خانا ريفرنس نواز جي اثاثن بابت بھ جاچ ھلي رھي آھي. پاڪستان قوم عمران خان کي وزيراعظم بڻايو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ بھ عمران خان وزيراعظم ٿيندو. ھن چيو تھ ظالمن پنھنجا اڪائونٽ ڀريا ھي ڀريا پر فالودي واران کي بھ معاف نھ ڪيو ۽ انھن جي اڪائونٽ کي بھ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرڻ وارا آڄ ڪھڙي منھن سان ادارن جي احترم جي ڳالھ ڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ ڪشمير جي مسئلي لاءِ پوري قوم ھڪ آواز ٿيڻ ضروري آھي. مقبوضا ڪشمير ۾ بيگناھ ماڻھن کي جعلي مقابلن ۾ شھيد ڪيو وڃي ٿو. عورتون ۽ معصوم ٻارڙن جي تذليل ھاڻ ڏٺي نٿي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ وزيراعظم عمران خان ڀارت جي ظلمن کي بي نقاب ڪري اھم قردار ادا ڪيو آھي.

Read Previous

ڪورنا بعد رتوديرو جا اسڪول کلي ويا، شاگرد ۾ خوش جي لهر

Read Next

گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 مهينا اسڪول بند هجڻ ڪري اسڪولن جو عمارتون ناڪارا بڻجي ويون

Most Popular