گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 مهينا اسڪول بند هجڻ ڪري اسڪولن جو عمارتون ناڪارا بڻجي ويون

گهوٽڪي: سنڌ حڪومت پاران اسڪول کولڻ واري اعلان کان پوء مومل جي ماڙي جا اسڪول کلي ويا , 7 مهينا اسڪول بند هجڻ ڪري ڪيترن ئي اسڪولن جو عمارتون ناڪارا بڻجي ويون , مومل جي ماڙي جي تاريخي هاء اسڪول جي عمارت ناڪارا بڻجي وئي , اسڪول اندر سهولتن جي کوٽ ,  سوين شاگردن جو زندگيون داء تي لڳل , اسڪولن لاء ايندڙ ايس ايم سي فنڊ سالن کان گم , انتظاميه کان نوٽيس جو مطالبو , رپورٽ موجب سنڌ جي تاريخي شهر مومل جي ماڙي جو تاريخي هاء اسڪول جي عمارت ڪيترن سالن کان ناڪارا بڻيل , جڏهن ته اسڪول جي اڌ چئوديواري ڪري پٽ ٿي پئي , ۽ اسڪول جا ڪيترا ڪمرا ناڪارا بڻجي ويا , اسڪول اندر 7 سئو کان مٿي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جن جو زندگيون دا تي لڳل , جڏهن اسڪول لاء ايندڙ ايس ايم سي فنڊ به ڪيترن سالن کان ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي , اسڪول اندڙ ڪمپيوٽر ليب به سالن کان بند , ليب ۾ موجود لکين رپين جا ڪمپيوٽر به ناڪارا بڻجي ويا , انتظاميه جي نااهلي سبب اسڪول جو واش روم به ناڪارا بڻيل , جنهن ڪري شاگرد سخت پريشان بڻيل آهن , ان حوالي سان اسڪول انتظاميه حڪومت کي ڪيترا ڀيرا لکيو آهي , پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو , اسڪول ۾ موجود ڪجھ شاگردن جو چوڻ آهي ته اسڪول اندر ڪابه سهولت موجود ناهي , عمارت ناڪارا بڻيل آهي , واش روم به ناهن , ڪجھ ڪمرن ۾ بجلي ناهي , ليب به بند آهي , هوڏانهن مومل جي ماڙي جي سياسي , سماجي اڳواڻن چيف جسٽس , سيشن جج , سنڌ سرڪار , تعليم کاتي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته ماٿيلو مومل جي ماڙي جي هاء اسڪول جي سار لهي , ايس ايم سي فنڊ جي جاچ ڪرائي شاگردن کي پريشاني مان ڪڍيو وڃي .

Read Previous

پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو محب وطن ۽ ملڪ جا وفادار آھن: حنيد لاکاني

Read Next

ڪراچي جي منگهوپير ۾ سنڌ بروهي اتحاد جو ڪنوينشن،عالم بروهي،شاهده رهماني خطاب ڪيو

Most Popular