راولپنڊي: نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي نيب آفيس راولپنڊي ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. نيب طلبي جو نوٽيس شاهد خاقان عباسي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ايم ڊي منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن خالد ساجد کوکر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جاچ هلي رهي آهي. شاهد خاقان عباسي خالد ساجد کوکر جي مقرري جي حوالي سان نيب راولپنڊي بيورو ۾ بيان قلمبند ڪرائيندو.