مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت شهباز شريف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  ان موقعي تي نيب طرفان شهباز شريف جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي شهباز شريف کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت شهباز شريف کي ٻيهر 13 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻڌڻي دوران وڪيل امجد پرويز جي جڳهه شهباز شريف پاڻ دليل ڏيندي چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي حوالي سان ڪجهه  چوڻ چاهيان ٿو. اسان جي پيءُ جا اثاثا اسان جي ملڪ ڇڏڻ  وڃڻ کان پوءِ ورهايا ويا. جڏهن مان پاڪستان آيس ته پنهنجا اثاثا ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيا. منهنجي آفيس هولڊر هجڻ سبب  مون مٿان الزم آهي ته منهنجي ٻارن جا پئسا وڌيا آهن.  شهباز شريف چيو ته 2017 ۾ پنجاب حڪومت مون کي چيف سيڪريٽري جي ذريعي سمري موڪليندي چيو ويو ته کنڊ کي هاڻ ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا ۽ حڪومت 15 روپيه کنڊ تي سپسڊي ڏئي. مان چيف سيڪريٽري کي لکيوته  مان 15 روپيه  سبسڊي نه ڏيندس. مون معاملو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جو چيو. ڊسمبر ۾ وفاقي حڪومت اعلان ڪيو ته في ڪلو تي 10 روپيه سبسڊي ڏني  ويندي مون کي چيو ويو ته اوهان به سبسڊي ڏئي ڇڏيو پر مون انڪار ڪيو.  منهنجي ان قدم سان منهنجي پٽ کي  90 ڪروڙ جو نقصان ٿيو.  عدالت شهباز شريف کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ناڻي کي ڪيترو فائدو ٿيو جنهن تي شهباز شريف چيو ته جج صاحب ناڻي کي اربين روپين جو فائدو ٿيو اهو سڀ رڪارڊ تي موجود آهي اربين روپيه بچائي صحت ۽ تعليم جي شعبن تي لڳايو. شهباز شريف چيو ته انصاف جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ڪري انصاف به نه ٿي رهيو آهي. اهو نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو بدترين انتقام آهي جنهن جو مقابلو ڪنداسين. هي چون ٿا ته منهنجا بي نامي اثاثا آهن پر ان جا ثبوت ته ڏيکارين ته منهنجي ڪري هنن کي نقصان پهتو. مون پنهنجي ٽن دورن ۾ صوبي جي خدمت ڪئي منهنجي مٿان هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت ناهي.  دليلن دوران شهباز شريف پنهنجي دور ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن جو ڪتابچو عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان هي ڪتابچو پيش ڪري رهيا آهيو ان کي رڪارڊ جو حصو ٺاهي ڇڏيون. جنهن تي شهباز شريف ان ڪتابچي کي رڪارڊ جو حصو ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ۾ دليل ڏيندي جاچ آفيسر چيو ته شهباز شريف کان ڪالهه گرائونڊ آف اريسٽ تي صحيحون ڪرايون ويون. شهباز شريف چيو ته  مان ڪوبه جواب نه ڏيندس. سڀ ڪجهه اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان جنهن کان پوءِ شهباز شريف چيو ته مان ڪو ليگل ارگومنٽ نه ڪندس جيترو عدالت کي رمانڊ ڏيڻو آهي عدالت ڏئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪندي کيس 13 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

Read Previous

نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي طلب ڪري ورتو

Read Next

ملڪ جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه اڻلڀ ٿي ويو

Most Popular