ملڪ جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه اڻلڀ ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه غائب ٿي ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي کوٽ سبب عوام اوپن مارڪيٽ مان مهانگي اگهن تي شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. يوٽيلٽي اسٽور اختيارين جو چوڻ آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ، اٽو ۽ گيهه مهانگو آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي هي شيون سستيون ٿيڻ کان پوءِ ان جي دستيابي ۾ پريشانيون آهن ان ڪري ان شين جي دستيابي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اختيارين جو چوڻ هو ته بليڪ ۾ وڪرو ٿيڻ سبب به اسٽورن تي دستيابي جو مسئلو پيش ايندو آهي. اختيارين موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جا اگهه 68 روپيه في ڪلو پيڪيج جي تحت اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 800 روپيه ۽ پيڪيج تحت گيهه جي في ڪلو قيمت 170 روپيه آهي.

Read Previous

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

Read Next

ڇا ٻارن جو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ آهي؟

Most Popular