ڇا ٻارن جو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ آهي؟

لنڊن: :  3 لک کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيل هڪ عالمي تحقيق مان خبر پئي آهي ته 20 سالن کان ننڍي عمر جي نوجوانن ۽ ٻارن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو وڏي عمر جي ماڻهن ۾ 44 سيڪڙو  تائين گهٽ هوندو آهي.  هن تحقيق ۾ سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي انفيڪشن بابت ڪيل 32 مطالعن مان حاصل ڪيل ڄاڻ(ڊيٽا) جو تجزيو ڪيو ويو جن مان 269.000 بالغ مردن ۽ عورتن کان علاوه 20 سالن کان ننڍي عمر جي تقريبن 42.000 نوجوان ۽ ٻار به شامل هئا.  ريسرچ جرنل جاما پيڊياٽرڪس جي تازي شماري ۾ آن لائن شايع ٿيندڙ هن تحقيق موجب هي تجربو هڪ جهڙين حالتن ۽ ماحول کي منهن ڏيندڙ ٻارن ۽ وڏن تي ڪيو ويو جنهن مان خبر پئي ته 20 سالن کان ننڍي عمر وارن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس سان متاٿر ٿيڻ جو خطرو وڏي عمر وارن ماڻهن جي مقابلي ۾ واضح طور تي گهٽ آهي. خاص ڳالهه اها هئي ته 10 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن م ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جو خطرو سڀني کان گهٽ هو.

Read Previous

ملڪ جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه اڻلڀ ٿي ويو

Read Next

ڀارت نئين سال جي شروعات ۾ ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Most Popular