نئين دهلي: : ڀارت جي صحت واري وزير ڊاڪٽر برش وردهن دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ سال جي شروع ۾ ملڪ ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين مارڪيٽ ۾ ملي سگهندي. ڀارتي ميڊيا موجب صحت واري وزير ۽ صحت جي عالمي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر برش وردهن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۾ 2021 جي پهرين ٽن مهينن جي اندر مارڪيٽ ۾ ويڪسين ملي سگهندي. ڊاڪٽر برش وردهن وڌيڪ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 3 ويڪسينن جو ٽرائل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ حوصلا ڏيندڙ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. جاري تحقيق جي نتيجن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ڪورونا ويڪسين 2021 جي پهرين ڇهن مهينن جي اندر ملي سگهندي.