غير معياري مواد جي پکيڙ سبب ٽوئٽر پنهنجو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪيليفورنيا: : سماجي رابطن جي مشهور ويب سائٽ ٽوئٽر غير معيادي مواد کي پکيڙڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هن فيچر جي آزمائش جون 2020 ۾ شروع ڪئي  وئي هئي. ان جي ذريعي صارفين کي آگاهه ڪيو ويندو هو ته هو ڪنهن  به ٽوئٽ کي اڳيان موڪلڻ کان اڳ هن کي ضرور پڙهن ڇو ته بنا  پڙهڻ جي اهڙيون لکتون افواهون پکيڙي سگهن ٿيون. ٽوئٽر اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته غير معياري مواد کي روڪڻ لاءِ  تيار ڪيل هي فيچر هاڻ سڀني کي ملي سگهندو. هن فيچر جي اچڻ کان پوءِ ڪوبه صارف جڏهن به ٽوئٽ ڪرڻ لڳندو ته ان کي آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ پيغام کلي ويندو ان کان پوءِ پڇيو ويندو ته ڇا اوهان واقعي هن کي پڙهڻ کان سواءِ شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا. ٽوئٽر ڪمپني جو چوڻ آهي ته جڏهن هي فيچر هر هڪ  وٽ دستياب هوندو ته ماڻهن جي وڌ کان وڌ ڄاڻ شيئر ڪرڻ جي حوصله افزائي ٿيندي.

Read Previous

ڀارت نئين سال جي شروعات ۾ ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارت ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڪم کان روڪي ڇڏيو، عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

Most Popular