اوٻاوڙو: رنگ پور جا واسي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

اوٻاوڙو  : اوٻاوڙو  لڳ ڳوٺ رنگ پور جا  رهواسي اوٻاوڙو پوليس جي ڏاڍ خلاف تعلقه پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاخھرو ڪيو اسان جو نوجوان منور ولد دوراني ڪوش کي اوٻاوڙي پوليس پنج ڏينهن اڳ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو اسان کي خدشو آھي ته پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي محمد حسن دلبر مائي سڪينه جون صحافين اڳيان دانھون    تفصيل موجب اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ رنگپور جا رھواسين اوٻاوڙو پوليس جي ڏاڍ خلاف تعلقه پريس ڪلب اڳيان ٻارڙن مردن عورتن احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي  دودائي ڪوش محمد حسن ڪوش دلبر ڪوش ۽ گرفتار ٿيل منور ڪوش جي امڙ سڪينه ڪوش جون  صحافين اڳيان دانھون ڪندي  ٻڌايو ته اسان جو نوجوان منور ڪوش اوٻاوڙو شھر کان موٽر سائيڪل تي گھر اچي رھيو ھو ته رستي ۾ اوٻاوڙو پوليس اھلڪار  شڪور لاکو فيض الله ڪوش انور ڏھر ۽ ٻين پوليس وارن منور کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آيا جڏھن اسين ٿاڻي تي پھتا سون ته مٿي ڄاڻايل پوليس وارن اسان کان ٻه لک پنجاھ ھزار روپيه رشوت جي گھر ڪئي اسان روز ڪمائي کائڻ وارا ايتري رقم نه ڏني ته انھن اسان جي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آھي جنھن 6 ڏينھن گذري ويا آھن اسان کي خدشو آھي ته پوليس اسان جي جوان کي ڪنھن ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي اسين ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلي حڪام کان مطالبو ٿا ڪريون  ته اسان جي ناحق گرفتار ٿيل  نوجوان منور ڪوش کي پوليس کان جلد آزاد ڪرايو وڃي.  جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو غلام عباس سندراڻي ٻڌايو ته اسين منور ڪوش کي نه ئي گرفتار ڪيو آهي نه ئي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي اسان وٽ نه آھي

Read Previous

جيڪب آباد: شهيد بادشاهه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ فائيل ٿي گذري

Read Next

سانگهڙ: دل جو اين آئي سي وي کي قائم ڪيو وڃي: چيمبر آف ڪامرس جو مطالبو

Most Popular