سانگهڙ: دل جو اين آئي سي وي کي قائم ڪيو وڃي: چيمبر آف ڪامرس جو مطالبو

سانگھڙ (رپوٽر نديم خاصخيلي) جي شھرين سياسي حلقن ۽ سماجي ماڻھن ۽ چيمبر آف ڪامرس مطالبو ڪيو آھي ته سانگھڙ ۾ دل جو اين آئي سي وي ڊي سينٽر فوري طور تي قائم ڪيو وڃي اھڙو مطالبو شھرين دل جي عالمي ڏينھن تي سول اسپتال سانگھڙ کان پريس ڪلب تائين نڪتل ريلي دوران ڪيو ريلي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي نائب صدر حاجي يامين قريشي, پاڪستان ھندو ڪائونسل جي راجيش ڪمار ھرداساڻي, ايس ٽي پي جي جبار جوڻيجو , انٽرنيشنل ھيومن رائٽس جي ڄام غلام قادر انڙ, سني تحريڪ جي شاھد رضا سڪندري ۽ حافظ جمال قادري, قومي عوامي تحريڪ جي قاسم عادل ۽ ٻين ڪيو ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته سانگھڙ ۾ اين ئي سي وي ڊي جي منظور ھجڻ باوجود سينٽر قائم نه ڪيو پيو وڃي جڏھن ته دل جي مريضن کي نوابشاھ ريفر ڪيو ٿو وڃي جنھن جي ڪري ڪيترائي مريض موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا جڏھن ته اسپتال ۾ دل جي وارڊ جي او پي ڊي ھزار کان مٿي آھي انھن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي دل جو سينٽر قائم ڪيو وڃي

Read Previous

اوٻاوڙو: رنگ پور جا واسي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

بوزدار وڏا جي جعفري محلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو رهواسي گرمي ۽ مڇرن جي آزار کان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

Most Popular