بوزدار وڏا جي جعفري محلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو رهواسي گرمي ۽ مڇرن جي آزار کان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

بوزدار وڏا(شفيق احمد بوزدار) بوزدار وڏا جي جعفري محلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو رهواسي گرمي ۽ مڇرن جي آزار کان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا خبر موجب بوزدار وڏا شھر جي جعفري محلہ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو سيپڪو عملدارن طرفان ڳري رشوت طلب ڪرڻ سبب ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو جنهن سبب شھر جو ٽيون حصو اونداهي ۾ ٻڏل ٽرانسفارمر سڙيل هجڻ سبب گرمي ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو، جعفري محلہ، محمد هاشم بوزدار محلہ، منگي محلہ، سومرامحلي سميت بوزدار وڏا شھر جا اڪثر محلہ اونداهي ۾ ٻڏل رهواسين زوار راجا رفيق بوزدار، سڪندر علي  ملاح، فدا علي بوزدار، مدثرعلي، شرف علي بوزدار ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ٽرانسفارمر سيپڪو عملدارن جي نااهلي سبب هر ٽين ڏينهن سڙيو پيو آھي  اسان علائقي واسي چندو ڪري ٺھرايون ٿا پر اهو به هلي نه ٿو اسان سيپڪو جي اعلئ عملدارن وزيراعلئ سنڌ ۽ ٻين وس وارن  کي اپيل ٿا ڪيون ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي

Read Previous

سانگهڙ: دل جو اين آئي سي وي کي قائم ڪيو وڃي: چيمبر آف ڪامرس جو مطالبو

Read Next

پريس ڪلب سيوھڻ جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب ،ايم اين اي سڪندر راھپوٽي صدارت ڪئي

Most Popular