پريس ڪلب سيوھڻ جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب ،ايم اين اي سڪندر راھپوٽي صدارت ڪئي

سيوھڻ؛   پريس ڪلب سيوھڻ جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد: ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽي صدارت ڪئي: پريس ڪلب جي عھديدارن کي حلف کڻايو ويو: خبر موجب پريس ڪلب سيوھڻ جي سال 2020 ۽ 21ع لاء نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري شاندار تقريب پريس ڪلب جي احاطي ۾ ٿي گذري تقريب جي صدارت سيوھڻ ڄامشورو تڪ جي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار سڪندر علي راھپوٽو ڪئي جڏهن ته سيد عبد الله شاهه انسٽيٽوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ۽ گرلس ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پرنسپال ميڊم گلزرين نرگس اعزازي مھمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ سيوھڻ شھر جي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي روائتي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا اوڍايا ويا جنهن بعد  پريس ڪلب جي سابق صدر خميسو خان بڙدي آجياڻي تقرير پيش ڪري معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو.  جڏھن ته سينيئر صحافي ذوالفقار سولنگي سپاسنامو پيش ڪري درپيش مسئلن بابت مھمانن کي آگاھي ڏني. جنهن بعد تقريب جي خاص مھمان قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار سڪندر راھپوٽي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو  جن ۾ صدر محمد خالد ميمڻ, سينيئر نائب صدر غلام ياسين انصاري, نائب صدر رياض حسين جمالي, جنرسيڪريٽري نظر محمد پنھور, جوائنٽ سيڪريٽري قادر ڪنڀر, خزانچي حسين  بخش  ڏاھري, آڊيٽر گلشير بلوچ ۽ آفيس سيڪريٽري ياسين رند شامل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو چيو ته تنقيد برداشت ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي مون کي تنقيد ڪندڙ ماڻهو وڻندا آهن ڇو ته تنقيد ڪندڙ ماڻهو دراصل اصلاح  چاھيندا آهن. پريس ڪلب جي دوستن سان منهنجو پراڻو تعلق آھي جن سان گڏجي سيوھڻ شھر کي خوبصورت بنائي پريس ڪلب جي مسئلن کي پڻ حل ڪرائڻ جون ڀرپور ڪوشش ڪندس. ان موقعي تي سردار سڪندر راھپوٽي پريس ڪلب سيوھڻ کي فرنيچر وٺي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي ڊائريڪٽر سيسمس ڊاڪٽر معين الدين صديقي, محبوب ميمڻ, امام علي ڏيٿو, اڪبر ملاح, غلام مصطفي ميمڻ, ايڊووڪيٽ رفيق ڏاھري, منظور سومرو, ايڊووڪيٽ شريف سولنگي, سگا اڳواڻ نور محمد سيال, مير حاجن پنھور, امام علي نوحاڻي, صفدر حسين نجفي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري پريس ڪلب جي صحافين جي ڪارڪردگي، صحافت ۽ صحافين کي درپيش مسئلن تي پنهنجي مختلف خيالن جو اظھار ڪيو  ۽ چيو ته  شھر جي مسئلن کي حل ڪرائڻ تي صحافين جي   ھاڪاري ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ رچائي وئي جنهن ۾ مشھور لوڪ صوفي فنڪار نزاڪت علي برھماڻي صوفي ڪلامن ذريعي حاضرين کي جھومائي ڇڏيو.

Read Previous

بوزدار وڏا جي جعفري محلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو رهواسي گرمي ۽ مڇرن جي آزار کان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

Read Next

شهباز شريف جي گرفتاري خلاف شهدادڪوٽ ۾ نواز ليگ پاران احتجاج

Most Popular