شڪارپور ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪميشن پاس ڪندڙ اي ايس آء اميدوارن جو احتجاج

شڪارپو: سنڌ پوليس ۾ ڪميشن پاس ڪندڙ اي ايس آء اميدوارن کي 7 مھينا  گذرڻ باجود  آفر آرڊر نه مليا اميدوارن احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو آفر

آرڊر ڏيڻ جو مطالبو پيرائتي خبر موجب شڪارپور سان تعلق رکندڙ اي ايس آء جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن کي 7 مھينا  گذري وڃڻ باوجود آفر آرڊر نه مليا  آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن دائود پيرزادو,نور جعفري, ۽ سفير پيرزاده جي اڳواڻي ۾  لکي در کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي  مختلف ھنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي ان موقعي تي اميدوارن دائود پيرزاده . نور جعفري . سفير پيرزاده . امتياز علي,ظفر سومرو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان سنڌ پوليس ۾ ڪميشن طور اي ايس آء جون سموريون ٽيسٽون پاس ڪيون پر اسان کي 7 مھينا  گذري وڃڻ  باوجود آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن ھنن چيو ته ى7 مھينا  کان اسان کي رڳو ٺلھا آسرا پيا ڏنا وڃن ھنن وڌيڪ دانھھيندي چيو ته اسان سان گڏ اي ايس آء جو امتحان پاس ڪندڙ ڪراچي ريجن جي اميدوارن کي  وزيراعلي سنڌ ۽ آء جي سنڌ هڪ تقريب ڪوٺائي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن جڏهن ته  سکر,ميرپوخاص,حيدرآباد ريجن جي سمورن اميدوارن کي پڻ آفر آرڊر ڏنا ويا آهن جيڪي پنھنجي ڊيوٽي سر انجام ڏئي رھيا آھن پر  لاڙڪاڻو رينجن جي ڪميشن پاس ڪندڙ   93  اميدوارن کي هن وقت  تائين آفر آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن ھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو . وزير اعلي سنڌ, آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پنهنجو حق ڏئي اسان کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ لاڙڪاڻه ريجن جا سمورا اميدوارن  وزير اعلي هائوس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻنداسي

Read Previous

شهباز شريف جي گرفتاري خلاف شهدادڪوٽ ۾ نواز ليگ پاران احتجاج

Read Next

وزيراعظم عمران خان جو غيرذميواراڻو بيان

Most Popular