وزيراعظم عمران خان جو غيرذميواراڻو بيان

صاحب خان ڀٽي

سنڌ خلاف بغض رکندڙ  تعصب پرست ڌريون آهستي آهستي وائکو ٿي رهيون آهن، پيپلزپارٽي هجي يا نواز ليگ يا وري پي ٽي آءِ، سموريون  پارٽيون رڳو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنديون رهيون آهن، پر ان باوجود سموريون  سياسي پارٽيون پيپلزپارٽي  جي بغض ۾ اهو وساري  ويهنديون آهن ته سنڌ رڳو ڀٽو نه آهي پر سنڌ سيد به آهي، سنڌ رڳو ڀٽو جي پوئلڳ ناهي، اتي ته سيد جا جوڌا به رهندا آهن، جن هن مقدس ڌرتي جي آجپي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرنا ڏنا آهن، مائرن پنهنجا ڳڀرو نوجوان هن ڌرتي تان قربان ڪيا آهن، ڀينرن پنهنجي ڀائرن کي سنڌ تي قربان ٿي فخر محسوس ڪيو آهي، جيڪا به پارٽي سنڌ کي لبيڪ ڪندي آهي، ان پٺيان سيد جو ٽولو لڳي ويندو آهي، سنڌ جا ماڻهو ته انسانيت جا پوجاري آهن، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪو به غير مقامي نه آهي، اتي ماڻهو رهڻ کان اڳ  سئو بار سوچيندو آهي، پر سنڌ ڌرتي جا ماڻهو مهمان نوازي لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور آهي، اهو ڪارڻ آهي، جو اڄ مهمان نوازي ڪندي ڪندي ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ اڄ اها مهمان نوازي اسان جي ايتري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، جو سنڌ جا نوجوان ڊگريون حاصل ڪرڻ باوجود بيروزگار آهن ۽ افغانستان مان آيل ماڻهو سرڪاري نوڪرين تي قابض آهن، سنڌ سان اهو ظلم نئون نه آهي، جنهن ڏينهن سنڌين هن ملڪ کي ٺاهيو آهي، ان ڏينهن کان سنڌ دشمن سنڌين خلاف سازشن ۾ رڌل آهن.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهڻ کانپوءِ به سنڌين پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا، مير مرتضيٰ ڀٽو  جي شهادت تي سنڌي ثابت قدم رهيا، ايتري قدر جو راولپنڊي ۾ سنڌ جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي  شهيد ڪيو ويو، ان وقت به سنڌ جي ماڻهن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو پر ان باوجود سنڌ خلاف تعصب رکندڙ ڌريون سازشن کان ناهن مڙيو، ڪڏهن   سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو ته ڪڏهن وري سنڌ جي تعليم  کي تباهه ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا ويا، قومي ميڊيا تي به سنڌين خلاف تعصب کي هٿي ڏياري وئي آهي، غير مقامي ماڻهن کي اهو تاثر ڏنو ويو ته اوهان ئي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جا رهواسي آهي، سنڌي ڪراچي جا وارث ناهن، ڇا ان پٺيان  اردو ميڊيا مالڪن جي سازش آهي، جا وفاق جي چرچ تي سنڌين ۾ احساسي محرومي پيدا ڪري 1971ع واريون حالتون پيدا ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي؟ سنڌ  ۾ آفيسون هئڻ باوجود سنڌ خلاف ڳالهائڻ جي جرئت آخر اردو چينلن کي  ڪنهن ڏياري آهي؟ ان جو جواب ته شايد وفاقي حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي.

هونئن ته تعصب پرست حڪمران پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي ڪندي پاڪستان جي خالق سنڌ ڌرتي خلاف ڳالهائي ويهندا آهن، پر تاريخ ۾ مقدس ڌرتي سنڌ خلاف ايئن ڪنهن ناهي ڳالهائي جيڪو  موجود حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ته اقتدار کان اڳ به سنڌ خلاف پنهنجو زهر اوڳاڇي چڪو آهي، جنهن تي کيس سنڌي ٽي وي چينلن تي اچي پنهنجي وضاحت به پيش ڪرڻي پئجي وئي هئي، هاڻ ته ميانوالي سان تعلق رکندڙ عمران  خان جنهن کي سڄي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو آهي، جنهن اندروني سنڌ جو لفظ استعمال ڪري پيپلزپارٽي جي بغض ۾ سنڌ خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان غير ذميواراڻو بيان ڏيندي چيو آهي ته اندرواني سنڌ مان اقتدار ۾ ايندڙ جماعت ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان صاحب! اوهان ئي ٻڌايو ته هن ملڪ جي خالق سنڌ ڌرتي جي وسيلن جي ڦرلٽ آخر ڪير ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو وجود هن دنيا جي نقشي ته موجود نه هو، ان وقت به ڪراچي سنڌ جو اهو واحد شهر هو، جتي روزگار جا ذريعا موجود هئا ۽ رڳو سنڌي رهندا هئا، مذهب جي بنياد تي هن ملڪ کي قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي ريت اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي، هن وقت به اوهان جي دوست ملڪ افغانستان، جتي دهشتگردن جا مضبوط ٺڪاڻا آهن، جن سان آمريڪا به مقابلو نه ڪري سگهيو آهي، اهڙن خطرناڪ دهشتگردن کي اوهان سنڌ ۾ آباد ڪري ڇڏيو، ڇا  رڳو سنڌ ئي مذهبي ڀائرن جو ٺيڪو  کنيو آهي؟ يا وري سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قابض رهڻ لاءِ ماضي جي پيترا استعمال ڪيا پيا وڃن؟  وفاق جي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ سنڌ مان چونڊيل اقتداري پارٽي به اوهان جي ساٿياري بڻيل آهي ۽ ترقي جي نالي تي سنڌ جي سون جهڙي زمين ڌارين کي حوالي ڪرڻ واري اوهان جي رٿا جي حامي بڻيل آهي، ڇا اوهان  ڪراچي کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ويا آهيو؟ جيڪڏهن نه ته ڪراچي  سنڌ جي ٻين شهرن مان وڌيڪ ترقي يافته آهي، جتي  ٻين  صوبن جي ماڻهن جي لوڌ لٿل آهي، جتي سنڌ  جي سرڪاري نوڪرين ۾   سنڌي نه پر پنجابي، پٺان، بنگالي ۽ بيهاري ڀرتي ٿيل آهن، اهو ظلم اسان سان ڀارت نه پر  وفاق ڪري رهيو آهي؟  ان باوجود به اوهان جو اندوني سنڌ لفظ استعمال ڪرڻ صاف ظاهر ڪري رهيو آهي ته اوهان جي اندر ۾  پيپلزپارٽي خلاف بغض نه آهي، اوهان جي  اندر سنڌ خلاف بغض آهي، جيڪو   چونڊن کان اڳ به اسان ڏسي چڪا آهيون پر  اوهان پاران سنڌي ٽوپي پائڻ کان پوءِ اسان وساري چڪا آهيون پر اوهان جي بغض جو اهو ٽانڊو هاڻي لاوو  بڻجي ويوآهي، جنهن سبب اوهان لاڳيتو  سنڌ خلاف  ڳالهائي رهيا آهيو، اوهان کي پارٽي تي تنقيد ڪرڻ جو پورو حق آهي پر 7 ڪروڙ سنڌي عوام جي دل آزاري جو ڪو به حق نه آهي، اوهان  ايئن نه سمجهو ته  اوهان جي پارٽي ڪراچي مان ڪجهه سيٽون کنيون آهن ۽اوهان  متحده جي سيٽ والاري ورتي آهي ته  اها زبان ڳالهائڻ شروع ڪندا، وزيراعظم طرفان اهڙا بيان ڏيڻ  مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اوهان  جي سياسي پرورش ڪندڙن جي به اها ئي ٻولي هوندي، جن اوهان کي آندو آهي، اهي به سنڌ خلاف اهڙا ئي بيان ڏيندا هوندا.

بهرحال اڳ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو و، پر هاني سڌي ريت سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، قومي ميڊيا تي ويٺل اينڪر پرسن ايئن ڳالهائي رهياآهن، جيئن هو جنگ جي ميدان ۾ بيٺل آهن، عربن جيان سنڌ کي فتح ڪري ويا هجن پر انهن نام نهاد اينڪرن کي خبر ناهي  ته جنهن سنڌ ڌرتي جو نانءُ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کنيو هجي، جنهن پيغمبر کي سنڌ ڌرتي جي خوشبو ايندي هجي، ان کي ڪيڏو طاقتور دشمن ڇو نه هجي ختم نه ٿو ڪري سگهي، اها ڳالهه  واضح آهي ته سنڌ جا ماڻهو پوئتي پيل آهي، وڏيرن، گادي نشينن ۽ سنڌ دشمنن جي ونگارين سنڌ ڌرتي جي تعيلم تباهه ڪري ڇڏي آهي، سنڌي قوم کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ وسيلن تي ڌارين جو قبضو ڪيو آهي، غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪري سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ ڀرتي ڪيو ويوآهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا علائقا آهن، جيڪي جديد دور ۾ به گئس ۽ بجلي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.شايد وزيراعظم عمران خان سنڌ خلاف زهر اوڳاڇڻ کان  اڳ سنڌ جي زيارت ڪري ها، رڳو سياست جي بنياد تي متحده ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري ها. وزيراعظم عمران خان سميت سمورين ڌرين کي اها ئي التجا آهي ته پيپلزپارٽي سان اوهان ڪيترو به بغض رکو پر صوفين جي ڌرتي خلاف ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيو، اوهان اها توهين رڳو سنڌ جي نه پر هن ملڪ جي به ڪري رهيا آهيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي ئي پاڪستان جي خالق آهي.

Read Previous

شڪارپور ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪميشن پاس ڪندڙ اي ايس آء اميدوارن جو احتجاج

Read Next

ڪرپشن ڪندڙن مٿان شفقت جو هٿ آخر ڇو..؟

Most Popular