شهباز شريف جي گرفتاري خلاف شهدادڪوٽ ۾ نواز ليگ پاران احتجاج

شهدادڪوٽ : شھدادڪوٽ  ۾ مسلم ليگ(  ن ) جي  ڪارڪنن جو پارٽي جي اڳواڻ  شهباز شريف جي گرفتاري خلاف هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب کوسو  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج دوران ليگي ڪارڪنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي   . ان موقعي تي اڳواڻن  ايڊووڪيٽ  عبدالوھاب کوسو ڪامريڊ  شعبان جمالي محمد اشرف ملڪ سميت ٻين چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد شھباز شريف جي گرفتاري جو سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ شھباز شريف جي گرفتاري عمران سرڪار ۽ نيب جي ڳٺ جوڙ آهي ھنن چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام دشمن حڪومت آهي عمران حڪومت ۾ مھانگائي جي طوفان اچي ويو آهي مھانگائي ۽ بي روزگاري جي ڪري ملڪ جو عوام خودڪشيون ڪري رھيا آهن عمران خان جي حڪومت ملڪ جي بدنام ترين حڪومت ثابت ٿيندي آهي . ھنن جو چوڻ ھيو ته ھن ملڪ کي پاڪستان جو واحد ليڊر قائد ميان محمد نواز شريف ئي آهي جيڪو ھن ملڪ کي بھترين طريقي سان ھلائي سگهي ٿو .

Read Previous

پريس ڪلب سيوھڻ جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب ،ايم اين اي سڪندر راھپوٽي صدارت ڪئي

Read Next

شڪارپور ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪميشن پاس ڪندڙ اي ايس آء اميدوارن جو احتجاج

Most Popular