ڪرپشن ڪندڙن مٿان شفقت جو هٿ آخر ڇو..؟

سيد زوار حسين شاهه

ڪرپشن ڪندڙ ملڪ پنهنجي معاشي طور انتهائي ڪمزور ٿيندي ڏٺا آهن ، جنهن ۾ تعليمي معيار ، صحت ، سميت انصاف جي سهولتن کان عوام کي پري رکيو ويندو آهي جنهن کان پوء  اهو ملڪ ترقي ته نه ڪري سگهندو پر هڪ ڳالهه عام ٿيندي ته عوام به انتهائي کئي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ، جيئن هن وقت پاڪستان جي عوام سان ظلم ٿي رهيو آهي  جڏهن ته پاڪستان کان پوء آزاد ٿيندڙ ڪئي ملڪ هن وقت ترقياتي ڪم ڪرن سان گڏ عوام کلاء تعليم ، صحت جون سڀ سهولتون مهيا ڪري جديد کان جديد ٽيڪنلاجي  ايجاد ڪري پوء اهو ملڪ ترقي پذير ملڪن ۾ سامل ٿئي ٿو پر پاڪستان جي ملڪ يج ڪجهه ھاهه ان جي ابٽر آهي ، جيڪو نطام پاڪستان ۾ پيو هلي ان تحت مان عرض ڪيان ته غريب کي انصاف به گهٽ ملندو تعليم نه جي برابر ، صحت جون سهولتون پن گهٽ ملنديون ، امن امان جي  صورت ها پن اڪثر خراب رهندي ، ان سان گڏ  ڪرپشن ڪندڙ انتهائي طاقتور ٿيندا ويندا ، رياست جيڪا  هڪ مضبوط ترين  ادارن تي مشتمل هوندي پوء عام ماڻهون به رياست سان پيار گهٽ ڪندو ، ان سان گڏ  نفرت جو اظهار به ڪندو غريب غريب تر ٿيندو ويندو ، ۽ امير امير ترين ٿيندو ويندو ،  جيڪڏهن مان سنڌ اندر ٿيل ڪرپشن جي ڳالهه ڪيان ته هن وقت  سنڌ ڪنگال ٿي چڪي آهي ، عوام بدحالي جو سڪار ٿي چڪا اهن ته صحت تعليم مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي ، سوال اهو اڀري ٿو ته پوء هن پاڪستان کي  تباهه ڪير ڪري رهيو آهي ، مان عرض ڪيان ته جتي عوام کي ڪا به سهولت ميسر نه ٿئي ته پوء اهو ملڪ يا صوبو ترقي ڪٿان ڪري سگهندو ، مان  چاهيان ٿو ته اڄ رياست پاڪستان جي چيف جناب عمران خان سان مخاطب ٿيندي ڪجهه ان کي ٻڌايان ته هن ملڪ سان تاريخي ظلم يٿندا رهيا آهن  ان سان گڏ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽي زرداري ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري ، ادي فريال تالپر ، شهيد راني جي  شهزادين  بختاور ڀٽوزرداري ،  ادي آصفه زرداري ڀٽو کي آگاهي ڏيان ته هن سنڌ سان ڪيترو ظلم يٿو آهي ڪو اهي جيڪو اسان جو اواز ٻڌي سگهي يا ڪو نوٽيس وٺي  سنڌ کي امر بنائي ، سنڌ جي خاص ضلعن جنهن ۾  جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوٽ شڪار پور ، سکر ، گهوٽڪي ، لاڙڪاڻه ، خيرپور ، نواب شاه بي نظيرر آباد ، حيدرآباد ڪراچي جي ڳالهه ڪيان ته  ڪڙو سچ اهو اهي ته  انهن جي هالت زار تي نظر پوي ٿي ته اکيون رت وهائين ٿيون ان جا به ڪهڙا سبب آهن ، اسان توهان واقف آهيون ، جنهن طرح سان  ترقياتي ڪمن جي ڳالهه ڪيان ته ڪرپشن هئڻ ڪري   نه توهان کي خاص طور سنڌ ۾ روڊ ملندو نه توهان کي گندي پاڻي  جي نيڪال لاء ڪو ڊرينيج سسٽم ملندو ، پر تعجب جي ڳالهه ته ڪرپٽ مافيه قبضا مافيه ، منشيات مافيه ، سميت اهي ڪرپٽ مافيه آفيسر جن جي پهچ ايتري ته وڏي آهي جو جيڪڏهن ڪو ادارو انهن ۾ هٿ وجهي ٿو ته بس پوء جيڪو انهن ۾ هٿ وجهندو اهو يا ته برطرف ٿيو وڃي يا بدلي ٿيو وڃي ، پوء اهڙي صورت هال م مان سوال ڪرن چاهيان ٿو ته هڪ ماڻهون جيڪو  گهر ۾ به بکيو هجي ، بعد ڪرپشن ڪري ڪروڙين روپين يج ملڪيٽ ٺاهي ، اسان جا اداره انهن کان پڇڻ لاء به تيار نه هجن ته پوء مان عرض ڪيان ته ڪرپشن ڪيئن ختم  ٿيندي ، اهو سوال اهي جنهن جو جواب ڪير ڏيندو ، مان عرض ڪندس رياست پاڪستان جي چيف جناب وزيراعظم عمران خان ، مان سوال ڪندس نيب چيئرمين جناب  رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال ، مان سوال ڪندس ڊي جي ايف آئي کان ته جيڪو ڪرپشن ڪري ٿو جنهن خلاف سوشل ميڊيا سميت عوام پڻ  خبرن ذريعي  به ڪرپشن ڪندڙن کي بي نقاب ڪن ٿا پوء به جيڪڏهن ڪو  قانوني ڪاروائي نه ڪن ته اهو ڪنهنجو قصور آهي ، مان مٿي عرض ڪيو آهي ته ڪرپشن هن ملڪ کي ته تباهه ڪيو پر عوام جيڪو ڪڏهن به سکيو گهٽ رهيو هجي ان جي ويلي جي ماني به کسي ورتي آهي ، جڏهن ته ڪرپشن مافيه ايتري ته وڌي وئي آهي جو انهن جا تعلقات  هر چونڊيل نمائيندي سان به رهي ٿو ، اهڙي صورت ۾ پوء  ااهو ڪرپشن ڪندڙ ڀلا ڪنهن کان ڊڄندو ، مان سمجهان ٿو ته ڪنهن کان به نه ڊڄندو ،                                     

اچو ته هر ان جنهن به ڪرپشن ڪئي ان خلاف جهاد جو اعلان ڪيون ،  ملڪ جي عوام جي  قسمت تبديل ڪيون جيڪو في الحال ته ممڪن ئي ناهي ، پر پوء به اسان کي توهان کي پنهنيج حصي جو ڪم ڪرڻو آهي هن وقت ملڪ جي هر اداري اندر سياسي ڀرتي آهي  جيڪا پهريان به هئي پر جڏهن کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جناب عمران خان کي پاڪستان جو وزيراعظم  طور هنن اکين ڏٺو آهي تڏهن کان اهو يقين ٿيڻ لڳو آهي ته 18 هين ترميم جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان وقت جي سابق صدر  جناب آصف علي زرداري  تحفو ڏنو جنهن کان پوء  هن وقت تائين  هر ادارو مڪمل آزاد آهي قانون آئين يج حدود ۾ رهندي ڪم پيو ڪري ، نيب  جو مٿال اسان جي سامهون آهي  ايف آئي اي جو مٿال اسان جي سماهون آهي ان سان گڏ ڪيترائي اداره جيڪي  ملڪ يج ترقي ملڪ جي بقا لاء ڪم ڪري رهيا آهن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ،  جنهن کان پوء اهو ته يقين  ٿئي پيو ته پاڪستان مان ڪرپشن ختم ٿيندي ، پر امن عرض ڪيان ته اهو پاڪستان خاص طور سنڌ م ممڪن ئي ناهي ، ان جا ڪهرا سبب آهن اهي به مان عوام جي سامهون عرض رکڻ ٿو چاهيان ،    اسان کي ڪرپشن ڪندرن خلاف ردالڪرپشن ايڪشن  جهاد جو اعلان ڪرڻو پوندو جيڪڏهن صرف 10 سال پوئتي نظر وجهنداسين ته ته گهڻو ڪجه معلويم يٿندو ته ڪنهن ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي ، مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه يٿ اچي ته رياست پاڪستان جي اڳيان ڪو مسئلو  ناهي  ته ڪرپشن ڪندڙن کي پڪڙي ڪيئن ٿا سزائون ڏيئون لٽيل دولت واپس ڪرائي سگهون ، مان عرض ڪيان ته ڪڙو سچ اهو به آهي ته عوام جي تذليل ٿيندي رهي ٿي ڪڏهن راشن ڏيڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن وزيراعظم پاران احساس ڪفالت ايمرجنسي پروگرام تحت  ڪرپشن ڪرپشن ڪرپشن  جيڪي هي ڪن اهي پڙاڏا پيا ٻڌن  مان هڪ عرض ڪندس ته جيڪڏهن هاڻ به ٿيل ڪرپشن جو حساب نه وٺي سگهياسين ته پوء ڪهڙي جمهوريت ايندي ،  اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون نه ئي سياسي پارٽي سان ڪو تعلق آهي پر  هڪ پاڪستاني شهري هئڻ جي ناتي  پاڪستان جي آئين  مطابق ،  پاڪستاني قوم اهو مطالبو پئي ڪري ته سنڌ سميت پاڪستان يج عوام کي لٽيندڙن  جي جيڪا تمام وڏي لسٽ اهي انهن خلاف فوري قانوني ڪاروائي ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي وڃي ، مان لاڙڪاڻه جي خيرپور ، جيڪب آباد گهوٽڪي ، شڪارپور سکر ، سميت بين ننڊن وڏن شهرن جي ترقياتي ڪمن بابت ويچار ونڊينداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته ظلم جي حد آهي  جنهن کي ٿو موقعو ملي اهو ڪرپشن ڪري سنڌ کي تباهه ڪرن گهري ٿو ، اچو ته گڏجي ڪرپشن ڪندڙن خلاف آواز بلند ڪيون 

Read Previous

وزيراعظم عمران خان جو غيرذميواراڻو بيان

Read Next

نصير آباد: ڏيرا پرائمري اسڪول زبون حال جو شڪار. تعليم متاثر

Most Popular