بابري مسجد ڪيس ۾ ڀارتي عدالت جو تڪراري فيصلو : ايل ڪي آڏواڻي سميت سمورا جوابدار بري

نئين دهلي: ڀارتي عدالت بابري مسجد شهيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد  سمورن 32 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.  لکنو جي خاص عدالت ۾ 28 سالن کان جاري ڪيس ۾ 1992 ۾ شهيد ٿيندڙ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻن ايل ڪي آڏواڻي، مرلي منوهر جوشي ۽ اوما ڀارتي سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.  خاص عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مسجد کي ڪنهن منصوبه بندي جي تحت شهيد نه ڪيو ويو ۽ نه ئي وري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي خلاف ثبوت ڏنا ويا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ انٽيليجنس رپورٽ ۾ اڳ ئي خبردار ڪيو ويو هو ته 6 ڊسمبر تي غير معمولي حالتون پيش اچي سگهن ٿيون پر هن رپورٽ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. واضح رهي ته 6 ڊسمبر 1992 تي بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ ايودهيا جي انتظاميه ٻه ڪيس داخل ڪيا هئا جنهن  ۾ هڪ ڪيس مسجد تي حملو ڪرڻ ۽ ٻيو ان ڪارروائي جي سازش ڪندڙن جي خلاف داخل ڪيو ويو هو. مسجد کي  شهيد ڪرڻ جي سازش واري ڪيس ۾ بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ ايل ڪي آڏواڻي، منوهر جوشي، اوما ڀارتي، سادهوري رتهمبرا ۽ وشو هندو پرشيد جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ ايودهيا جا ڪيترائي هندو مذهبي اڳواڻ جوابدارن ۾ شامل هئا.  ٽن ڏهاڪن کان جاري رهندڙ هن ڪيس ۾ شروعاتي طور تي 38 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو جن مان 16 جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ 32 جوابدارن جي خلاف ڪارروائي جاري رهي.

Read Previous

ٽرمپ ۽ جوبائيڊن جا صدارتي بحث دوران هڪ ٻئي مٿان ذاتي حملا

Read Next

علي ظفر خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم واري ڪيس ۾ عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي

Most Popular