ھينڊز پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا 90 نان فارمل اسڪول سخت ايس او پيز تحت کوليا ويا

شهدادڪوٽ: ھينڊز پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا 90 نان فارمل اسڪول سخت ايس او پيز تحت کوليا  ويا. رپورٽ موجب حڪومت پاران جاري ڪيل تاريخ 30 سيپٽمبر تي پرائمري جا ڪلاسز شروع ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ ھينڊز پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي 90  نان فارمل پرائمري اسڪول  سخت اپائن سان کولي ڪلاسز شروع ڪيا ويا آهن  ان ڏس ۾  ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيٽو مينيجر جنيد علي سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته  هنن  پنھنجي 90 نان فارمل اسڪول کولڻ کان پھرين ايس اوپيز تي عمل ڪندي صحت کاتي جي تعاون سان سڀ کان پھرين ٽيچرس جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي جنھن جو رزلٽ نيگيٽو اچڻ بعد ھينڊز، ايف سي ڊي او-يوڪي ايڊ جي تعاون سان ھلندڙ پرائمري اسڪولن کي جراثيم کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ھر ھڪ اسڪول ۾ اسپري ھينڊ سينيٽائزر ماسڪ سميت ضرورت جو ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي  جڏهن ته  اسڪولن ۾ داخل شاگردن کي ٻن گروپن ۾ ورھائي سماجي مفاصلي تي عملي ڪندي ڪلاسز ۾ 3 فوٽن جي مفاصلي تي مارڪنگ ڪري سيٽنگ ڪئي وئي آھي ته جيئن شاگردن کي ھن وبا کان بچائي سگھجي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته  ان کان علاوه   پنھنجي 90 اسڪولن ۾ داخل 2129 ٻارڙن کي ڪرونا لاڪڊائون کان وٺي جيسيتائين اسڪول بند ھئا تيسيتائين هنن انھن کي گھر ۾ ويٺي آن لائين تعليم مھيا ڪئي ته  جيئن شاگردن جو ڪورس ضايع نه ٿي. ھن چيو تھ اسين  نصابي سرگرمين سان گڏ پنھنجي اسٽاف ۽ ٽيچرز کي ايس او پيز تي سختي سان پڻ عمل درآمد ڪرائڻ جي  لاءِ ٽريننگ پڻ ڏئي چڪا آھيون. ھن اميد ظاھر ڪئي ته  ايس او پيز تي عمل ڪري اسان ڪرونا کي مات ڏئي سگھون ٿا. ان موقعي تي اسڪولن جي وزٽ دوران عابده  چنا ، وسيم صديق، سعيد مراد شيلاجمالي، بشير احمد، تصور حسين ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

Read Previous

گهوٽڪي ۾ بدامني ، شھر مان هڪ ئي ڏينهن 2 موٽرسائيڪلون چوري

Read Next

چوٽياريون ۾ پرائمري اسڪول جي ھلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

Most Popular