چوٽياريون ۾ پرائمري اسڪول جي ھلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

چوٽياريون: چوٽياريون ۾ پرائمري اسڪول جي ھلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف. ٺيڪيدار پاران ايم اين اي سان تعلق ڄاڻائي ڳوٺاڻن کي چپ رھڻ جون ڌمڪيون. تفصيل موجب چوٽياريون ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول سوڍو خان ملاح  اسڪول ۾ ھلندڙ ڪم ۾ ڳوٺاڻن پاران ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو جو انڪشاف ظاھر ڪيو ويو آھي اسڪول جي ڪم ۾ نقلي سيمينٽ ۽ بجري جي جڳھ تي واري استعمال ڪئي پئي وڃي ٺيڪيدار جي نااھلي سبب بلڊنگ ۾ جگاڙي ڪم  جاري ڳوٺاڻن اياز علي ملاح امتياز علي اعجاز ملاح ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته ٺيڪيدار حبيب الله لانڊر اسڪول جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل 2 نمبر سرون نقلي سيمينٽ ۽ بجري ۽ ريتي جي جڳھ تي واري استعمال ڪري رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ٺيڪيدار کان پڇا ڪرڻ تي  ھلڪو مٽيريل ڇو پيو استمعال ڪيو وڃي تنھن تي ٺيڪيدار چيو ته آئون سياسي ماڻھن جو رکيل آھيان مونکي ايم اين اي ھتي موڪليو آھي اوھان ڪير ٿيندا آھيو پڇا ڪرڻ وارا ٻئي پاسي ٺيڪيدار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ھن جو موبائل فون بند پيل ھو.

Read Previous

ھينڊز پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا 90 نان فارمل اسڪول سخت ايس او پيز تحت کوليا ويا

Read Next

ڦلجي اسٽيشن شھر کي پيئڻ جي صاف پاڻي پهچائڻ واري پائپ لائن ڦاٽي پئي

Most Popular