ڦلجي اسٽيشن شھر کي پيئڻ جي صاف پاڻي پهچائڻ واري پائپ لائن ڦاٽي پئي

پيارواسٽيشن: لڳ ڦلجي اسٽيشن شھر کي پيئڻ جي صاف پاڻي پهچائڻ واري پائپ لائن ڦاٽي پئيپائيپ لائن کي هفتو گذري ويو پر پبلڪ هيلٿ  ڊپارٽمينٽ جي ڪن تي جونء نه ٿي چري ڦلجي اسٽيشن شھر کي پيئڻ جو مٺو پاڻي پهچائڻ واري پائپ لائين شھر جي ٻاهران نورواھ موڙ وٽان ٽٽي پئي جنهن جو اطلاع پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر نظير شيخ ايس ڊي او راشد رند کي ڏنو آھي پر هفتو گذري وڃڻ باوجود پائپ لائين کي نه جوڙيو ويو آھي پائپ لائين جي ٽٽڻ سبب هڪ هفتي کان پاڻي جي فراهمي بند آھي روز روز  پبلڪ هيلٿ وارا ڪوڙا ڏٽا ڏئي رهيا آھن پر اڄ تائين پائپ لائين کي ناهي جوڙيو ويو اسين پيئڻ جي  پاڻي لاء   پريشان آھيون .شھري عبدالرزاق راجپوت آصف علي سولنگي سعيد منگي انور علي آرائين احمد علي آرائين جواد علي پنهور فراز علي پنهور ميڊيا اڳيان داانهيندي چيو ته ڪروڙين  رپيه فنڊ ملڻ  جي باوجود پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا آھيون پائپ لائن کي جوڙڻ بدران صيحت لاء ھانڃيڪار  واٽر سپلاء جي تلائن جو گندو بدبودار پاڻي هلايو پيو وڃي واٽر سپلاء جي تلائن کي چوديوار نه هجڻ سبب جانور تلائن مان پاڻي پيئن ٿا ۽ تلائن جي صفائي نه هجڻ سبب پاڻي گندو ۽ بدپودار ٿي ويو آھي پر پبلڪ هيلٿ وارا شھرين کي اهو پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن جنهن سبب اسين شھري پئسن عيوض پيئڻ جوصاف پاڻي خريد ڪري پاڻي جي ڪلت کي منهن ڏئي رهيا آھيو ڇاڪاڻ ته هفتي کان وٺي پائيپ لائين جي ٽٽڻ ڪري مٺي پاڻي جي فراهمي بند آھي شھرين پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ دادو جي اعلي انتظاميان ۽ پنهنجي تڪ جي چونڊيل عوامي نمائندن کان گهر ڪئي آھي ته خدارا اسان تي ۽ اسان جي معصوم ٻچڙن تي رحم کائي جلد کان جلد ٽٽل پائين لائين ٺھرائي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرائي ڏني وڃي ته جئين اسين سک جو ساه کڻي سگهون ۽ پيئسن تي پيئڻ واري صاف پاڻي جي خريداري ڪرڻ واري آزار کان نجات ماڻي سگهون

Read Previous

چوٽياريون ۾ پرائمري اسڪول جي ھلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

عبدالواحد ڪلوڙ کي سيد ناصر حسين شاه چيف سردار جي پڳ ملڻ تي مبارڪ ڏني

Most Popular