عبدالواحد ڪلوڙ کي سيد ناصر حسين شاه چيف سردار جي پڳ ملڻ تي مبارڪ ڏني

سکر؛ ڪلوڙ برادري جي چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ  کي سنڌ جي صوبائي وزير بلدیات و اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاه  پاران برادري پاران چيف سردار جي پڳ  پارائڻ جي مبارڪ باد ڏني، اهم مسئلن تي ڳالھ ٻولھ، برادري جي معززن الحاج حضور بخش ڪلوڙ،ڪرم الله خان ڪلوڙ،ڊاڪٽر شمس ڪلوڙ جي شرڪت. خبر موجب ڪراچي ۾ چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ جي فارم هائوس تي آيل خصوصي مهمان  سنڌ جي صوبائي وزير بلدیات جھگلات و اعطلات سنڌ سيد ناصر حسين شاه صاحب آيا خصوصي مهمان جي اچڻ تي مهمان مٿان گلن جي ورڇا ڪئي وئي  ۽ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ٽوپي پهرائي عوام جي وڏي تعداد ۾  تقريب ۾ شرڪت ڪئي  ان موقعي تي ڪلوڙ برادري جي چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ  کي سنڌ جي صوبائي وزير بلدیات جھگلات و اعطلات سنڌ سيد ناصر حسين شاه  پاران برادري پاران چيف سردار جي پڳ  پارائڻ جي مبارڪ باد ڏني سيد ناصر حسين شاه  چيو ته ڪلوڙ برادري چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ  کي برادري جي پڳ پرائي جيڪا خوشي جي ڳالھ آهي ڪلوڙ برادري هڪ امن پسند پڙهيل لکيل قبيلو آهي هن وڌيڪ چيو ته منهنجا در ڪلوڙ برادري جي لاء هر وقت کليل آهن جيڪو به ڪم ڪار هجي ڀلي رات هجي آء هر وقت ڪلوڙ برادري لاء حاضر آهيان تڪ جي سڀني مسئلن کي حل ڪنداسين ترقياتي ڪم به ڪرايا آهن ۽ ٻيا به ڪرايا ويندا نوجوانن کي نوڪريو به ڏنيون وينديون ان موقعي تي ڪلوڙ برادري جي معززن الحاج حضور بخش ڪلوڙ،ڪرم الله خان ڪلوڙ،ڊاڪٽر شمس ڪلوڙ، گلبهار خان ڪلوڙ، قربان ڪلوڙ، اسد خان ڪلوڙ ،لالا رحیم اقسیر عباسي ،عبدالفتاح ڪلوڙ،  سرتاج ڪلوڙ،  تاج محمد وساڻ ، مولا بخش چنڊ ، شھزاد میمڻ کوآڊینیٽر وزير اعلئ سنڌ علي مردان چاچڙ  ، عبدالجبار ابڙو،  عتیق ملک، عمیر شر، منیر ڪلوڙ ، پھلوان ڪلوڙ ،  ممتاز ڪلوڙ، ڌڻي بخش ڪلوڙ ،سردارزادہ انعام خان ڪلوڙ، سردارزادہ ڪاشف خان ڪلوڙ  سردارزاده فدا حسين ڪلوڙ ۽ ٻين برادرين جا پرين پيارا دوست پڻ موجود هئا ان بعد  چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو

Read Previous

ڦلجي اسٽيشن شھر کي پيئڻ جي صاف پاڻي پهچائڻ واري پائپ لائن ڦاٽي پئي

Read Next

سائين مير محمد شاھ المروف بچل شاھ رح

Most Popular