مهراڻ هاءِ وي ملڪ چودگي لڳ تيز رفتار سبب ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر

ٺري ميرواهه )رپورٽ نعمت الله ملاح (واقعي جو ڪيس ٺري ميرواهه ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگهيو ٺري ميرواهه مهراڻ هاءِ وي ملڪ چودگي لڳ تيز رفتار سبب ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار تارڪو لڳ ويرو جو رهواسي حامد علي ولد علي رضا ٻانڀڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ زخمين ۾ عباس علي ولد علي رضا ٻانڀڻ ۽ نثار علي ولد قيصر علي ٻانڀڻ سخت زخمي ٿي پيا اهڙي اطلاع ملڻ باوجود ميرواهه پوليس واقعي واري پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ زخمين کي علاج لاءِ ميرواه اسپتال آندو ويو ، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ، لاش ملڻ تي  وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ٻئي طرف واقعي جو ڪيس هن مهل تائين ميرواهه ٿاڻي تي داخل ٿي نه سگهيو

Read Previous

اوٻاوڙو : شهر جي مختلف علائقن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو

Read Next

نصيرآبادي: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular