نصيرآبادي: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نصيرآباد: (رپورٽ عامر ڪلهوڙو)  نصيرآباد: ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ اندر پگهارون ۽ پينشن ٽريزري نه ڏيڻ خلاف احتجاج. تفصيل موجب، شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين سنڌ جي مرڪزي سڏ تي تعلقا نصيرآباد جي سمورن ٽائون ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو، ٽائون ملازمن شعبان سيال، غلام شبير جويو ، بچو ، ۽ نديم جويو جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري وسيلي ڪيون وڃن، ريوينيو ڊپارٽمينٽ جا مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽر هٽائي، لوڪل گورنمينٽ جا آفيسر ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا وڃن، اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيوته اسان ملازمن جون ٻه مهينا گذرڻ باوجود پگهارون نه ٿيون ڪيون وڃن اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سنڌ حڪومت کي لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي دانهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، نه ته ٻي صورت اسان جا پر امن احتجاج پوري سنڌ ۾ جاري رهندا.

Read Previous

مهراڻ هاءِ وي ملڪ چودگي لڳ تيز رفتار سبب ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر

Read Next

آل اسپيلر يونين پاران واپڊا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular