آل اسپيلر يونين پاران واپڊا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

سانگھڙ (رپورٽ نديم خاصخيلي) واپڊا جي زيادتين خلاف اٽي چڪين ۽ آل اسپيلر يونين پاران احتجاج ، ڪاروبار بند پريس ڪلب آڏو مظاهرو سانگھڙ پريس ڪلب آڏو اٽي چڪين ۽ آئل اسپيلر يونين پاران واپڊا جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، يونين پاران اٽي چڪيون ۽ آئل اسپيلر پڻ بند ڪيا ويا آهن  احتجاج ڪندڙ يونين اڳواڻن الله ڏتو، آصف رضا زئي ۽ نندو مل دانھيندي چيو ته سانگھڙ ۾ واپڊا شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھڪ پاسي ڊگھي لوڊشيڊنگ تہ وري ٻي پاسي اٽي چڪين ۽ تيل جي گھاڻن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن واپڊا وارا مسلسل زيادتيون ڪري رھيا آھن ڪرونا ۽ ٻوڏ ڪري اڳئي ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آهي تہ وري واپڊا اسان کي پريشان ڪرڻ لاء بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن، مظاهرين دانھيندي چيو ته بجلي پھچائڻ واپڊا جي ذميواري آهي اسان ھيترن سالن کان چڪيون ھلائي رھيا آھيون ھاڻي چون ٿا پنھنجا الڳ ٽرانسفارمر لڳرايو اھا سراسر زيادتي آهي اسين بل ڀريندڙ آھيون ۽ بل جي مد۾واپڊا کي وڏو ناڻو ڏيون ٿا پر ان باوجود اسان کي پريشان ڪيو وڃي ٿو مظاهرين واپڊا جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا ڪٽيل ڪنڪشن فوري بحال ڪيا وڃن ۽ ڪرپٽ ايڪسين کي فوري طور تي ھٽايو وڃي

Read Previous

نصيرآبادي: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

انٽر نيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي مرڪزي چيئرمين ميان محمد آصف شاهين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

Most Popular