ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ٻه سئو ستهترهون عرس مبارڪ شروع

حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 277 هون عرس مبارڪ جون ٽقريبون شروع ٿي ويون آهن. تفصيل موجب اوقاف کاتي جي وزير سهيل انور سيال مزار تي حاضري ڏئي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا سبب سنڌ حڪومت پاران عرس مبارڪ جون تقريبون ملتوي ڪيون آهن، صرف ايس او پيز تحت زائرين درگاهه تي حاضري ڀري سگهن ٿا، ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ کي درگاهه اندر نه وڃڻ ڏبو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاهه تي ڏيئا نه ٻارڻ جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ غفلت ثابت ٿيڻ تي درگاهه جي مينيجر خلاف ڪارروائي ڪندي کيس معطل ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نيب پاران پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خاص ڪري جميل الزمان جي ڀاءُ جي گرفتاري ۽ ٻين ڪاررواين بابت صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اهو عمل قابل مذمت آهي، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو تقدس ۽ عزت هوندي آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ هر ڪنهن کي معصوم تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪو قصوروار آهي ۽ ان کي گرفتار ڪرڻو آهي ته موجود قانوني طريقي ڪار تي عمل ڪيو وڃي. ڀٽ شاهه ۾ ترقياتي ڪمن بابت سوال تي اوقاف جي وزير چيو ته درگاهه جو ترقياتي ڪم ڪيو ويو آهي باقي هر جاءِ تي بهتريءَ جي گنجائش هوندي آهي، درگاهه جي صفائي جي لاءِ مشينون آنديون ويون آهن، زائرين جي سهولتن وارن انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو.

Read Previous

عاصم باجوهه پاڻ مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي:وزيراعظم

Read Next

سنڌ جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي پنڌرهن آڪٽوبر کان گيس نه ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular