سنڌ جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي پنڌرهن آڪٽوبر کان گيس نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني ملڪ ۾ گيس بحران کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو آهي. اڄ جمعي جي ڏينهن سوئي سدرن گيس ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سي اين جي ايسوسيئيشن جي مختلف وفدن سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته گيس جي وڌندڙ کوٽ سبب سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس ڏيڻ ممڪن ناهي ۽ ممڪن طور تي 15 آڪٽوبر کان سموري سنڌ کي گيس نه ڏني ويندي. سوئي سدرن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مالڪن کي سي اين جي اسٽيشنز کي ايل اين جي تي منتقل ڪرڻ جي پيشڪش ڪندي چيو ته اسٽيشنز مالڪ ان سلسلي ۾ 15 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، سوئي سدرن جي عملدارن موجب هن وقت سي اين جي اسٽيشنز کي ايل اين جي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان 201 درخواستون موجود آهن.   

Read Previous

ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ٻه سئو ستهترهون عرس مبارڪ شروع

Read Next

علي ظفر ڪيس: ميشا شفيع ۽ سندس دوستن خلاف ڪيس داخل ڪندڙ آفيسر معطل

Most Popular