عاصم باجوهه پاڻ مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي:وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عاصم باجوهه پاڻ مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان جتي ٻين سوالن جا جواب ڏنا اتي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار جنرل رٽائرڊ عاصم باجوهه تي لڳل الزامن جو جواب پڻ ڏنو. عمران خان جو چوڻ هو ته عاصم باجوهه پاڻ مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏنو، اسان ان جي جواب کي چيڪ ڪيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪا شڪايت آئي ته ان جي جاچ ڪنداسين ۽ ضرورت پئي ته معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويندو. ياد رهي ته آءِ ايس پي آر جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل(ر) عاصم سليم باجوهه صحافي احمد نوراني جي خبر تي وضاحت جاري ڪئي هئي ۽ پاڻ  توڙي سندس خاندان تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ عاصم باجوهه چيو ته مون عزت ۽ وقار سان پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندس، جنهن بعد هن وضاحت ۽ ثبوت کانپوءِ بطور خاص مددگار ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. عاصم باجوهه جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي بطور چيئرمين هو پنهنجو ڪم جاري رکندو.

Read Previous

مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو ته ان جو جواب پاڪستاني عوام ڏيندي: مريم اورنگزيب

Read Next

ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ٻه سئو ستهترهون عرس مبارڪ شروع

Most Popular