علي ظفر ڪيس: ميشا شفيع ۽ سندس دوستن خلاف ڪيس داخل ڪندڙ آفيسر معطل

لاهور: گلوڪارره ميشا شفيع ۽ سندس دوستن خلاف ڪيس داخل ڪندڙ ايف آءِ اي جي آفيسر آصف اقبال کي معطل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي جي ذريعن موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم سيل آصف اقبال ميشا شفيع ۽ سندس دوستن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اعليٰ حڪومتي شخصيت جي دٻاءَ تي آصف اقبال کي معطل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آصف اقبال ميشا شفيع ۽ سندس دوستن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو ٽوئيٽ ڪيو هو، آصف اقبال ٻن سالن تائين علي ظفر ۽ ميشا شفيع ڪيس جي جاچ ڪئي.

Read Previous

سنڌ جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي پنڌرهن آڪٽوبر کان گيس نه ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

امريڪي صدر ۽ سندس زال ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular