او ٻاوڙو : شهر جي مک رستي تان لاش هٿ

اوٻاوڙو (رپورٽ محمد بچل ) گهنڃو رانوتي ٿاڻي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ امير بخش دونڌو جي رهواسي نوجوان عارف دونڌو کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي بيدري سان قتل ڪري شادي واي ڍنڍ وٽ لاش اڇلائي فرار ٿي ويا علائقي واسين مقتول نوجوان جو لاش ڏسي رانوتي پوليس ۽ واثن کي اطلاع ڏنو جتي رانوتي پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو مقتول نوجوان عارف جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ان موقعي تي ايس ايڇ او رانوتي ٻڌايو ته مقتول عارف دونڌو کي نامعلوم ھٿيار بندن قتل ڪيو آھي اسين واقعي جي جاچ ڪري رھيا ھيون اصل حقيقت جي خبر نه پئجي سگھي آھي  اصل حقيقت سامھون ايندي ته ڪاروائي ڪئي ويندي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

Read Previous

نصيرآباد: ”گندگيءَ ۽ بدامنيءَ جو آزار نامنظور“

Read Next

ٺري ميرواهه: مڙس تي ڪوڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي زال جو احتجاج

Most Popular