نصيرآباد: ”گندگيءَ ۽ بدامنيءَ جو آزار نامنظور“

نصيرآباد:(رپورٽ عامر ڪلهوڙو نصيرآبادي) نصيرآباد: ”گندگيءَ ۽ بدامنيءَ جو آزار نامنظور“ شھر جي ترجمان سماجي اداري، شهري اتحاد نصيرآباد پاران زبردست احتجاجي ريلي، ڌرڻو.  تفصيل موجب: شهري اتحاد نصيرآباد پاران؛ شهر اندر وڌندڙ گندگي ۽ بدامني احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شهري اتحاد جي سمورين ميمبر ڌُرين (سياسي، سماجي، ادبي، ڪاروباري، مذھبي ۽ پورهيت تنظيمن) جي ڪارڪنن، صحافين توڙي سڃاڻ فردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. ”گندگي جو آزار ختم ڪيو“ ”امن جي شھر ۾ بدامني نامنظور“ جا نعرا.  هڻندي احتجاجي ريلي سموري شھر جي رستن تان ٿي ارٿر پل تي پھتي ته اتي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن معشوق علي ڦلپوٽو، سينگار نوناري، عنايت تنيو، محمد حسن بازري، ابراهيم چانڊيو، بخت علي جتوئي، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، عبدالرئوف شيخ، منظور علي ڀُچو، فقير جانڻ چن، حافظ علي اڪبر ڪانڌڙو، عاشق ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته نصيرآباد کي هٿ وٺي بدامنيءَ جي اوڙاھ ۾ ڌڪيو پيو وڃي جنهن سبب شھري سخت ڳڻتيءَ ۾ آھن. ٻئي پاسي ٻن هفتن کان ٽائون انتظاميا پاران صفائي نه ڪرائڻ سبب سموري شھر کي گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. صفائي ڪندڙ حقيقي پورهيتن جون پگهارون بند ڪري سفيد پوش ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي، جنهن جو فوري ازالو ڪندي صفائي جو عمل شروع ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

Read Previous

ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو

Read Next

او ٻاوڙو : شهر جي مک رستي تان لاش هٿ

Most Popular