ٺري ميرواهه: مڙس تي ڪوڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي زال جو احتجاج

ٺري ميرواھ : تارڪو  ۾ ڪارنھن جو الزام مڙهي بيگناھ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ان موقعي تي تارڪو جا رهواسي پيءُ اميد علي ٻانڀڻ،  ماءُ مرادان ، زال سبيا خاتون، ناظم ٻانڀڻ، خليل احمد، شڪيل علي، نظام الدين ٻانڀڻ احتجاج ڪندي زال سبيا خاتون چيو ته رفيق ٻانڀڻ، بخش علي ٻانڀڻ، مينھل ٻانڀڻ، اسحاق ٻانڀڻ، عظمہ ٻانڀڻ، امير علي ٻانڀڻ، زاھد، منصور، زبير ۽ ٻين منھنجي مڙس مٿان ڪوڙو الزام ھڻي وڏيرن جي زور تي ڪارنھن جي ايف آئي آر داخل ڪرائي آھي منھنجو مڙس عباس ڪراچي مزدوري تي ويل ھيو ھنن پويان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ھنن اڳ ۾ پاڙي جي سومرا برادري جي ماڻهن مٿان ڪوڙا الزام ھنيا ھئا جن جي فيصلي ۾ ٻه لک ورتا ھئا ھنن پنھنجو ڪاروبار ڪري ڇڏيو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي ڳوٺ مان لڏڻ جون موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  ڳوٺ جي بااثر وڏيرن جي زور تي اسان جي زمين ۽ گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش   اسان غريب مسڪين آھيون منھنجي مڙس کي آزاد ڪيو وڃي  اسان اعلي  کي لڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن زبردستي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪوڙو ڪارنھن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

او ٻاوڙو : شهر جي مک رستي تان لاش هٿ

Read Next

سانگهڙ: ايس ايس پي سانگهڙ جي ڪارروائي 125 موٽر سائيڪل هٿ

Most Popular