برفباري مان بجلي ٺاهڻ جو انقلابي اوزار ٺهي ويو

لاس انجلس: ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون واقعو سامهون آيو، مصر جي هڪ سائنسدان ڊاڪٽر ماهرالقادري هڪ اهڙي ٽيڪنڪ سامهون آندي آهي جنهن جي ڪري هاڻ برفباري مان به بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي. ان ۾ ٽرائبواليڪٽرڪ جو سادو اصول سمايل آهي، يعني ٻه مختلف ماده(مٽيريل) پاڻ ۾ ملندا آهن ته چارج پيدا ٿيندي آهي، ان کي ٺاهڻ واري ماهرن جو چوڻ آهي ته برفباري جي ذرن ۾ قدرتي طور تي مثبت برقي چارج هوندي آهي. برف تي پهريان ئي چارج پيدا ٿيندي آهي ته پوءِ ڇون ان کي مخالف چارج واري سان ملائجي ته جيئن بجلي پيدا ٿي سگهي،؟ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا لاس انجلس جي ڪيميادان ماهرالقادري چيو آهي ته جيڪا نينوٽيڪ انرجي ڪمپني جي سي ٽي او به آهي، هو چوي ٿو ته ان کان اڳ اهڙي ٽيڪنالوجي تي ڪڏهن غور نه ڪيو ويو هو. هن وقت تائين ڪيترائي اهڙا ٽرائبواليڪٽرڪ نينوجنريٽر(ٽي اي اين جي) ٺهي چڪا آهن جيڪي برسات جي قطرن، هلڪي حرڪت، ٽائرن جي رڳڙ ۽ خاص بورڊ تي وک کڻڻ سان به بجلي ٺاهي سگهجي ٿي، تحقيقي ٽيم جي ٻئي ميمبر رچرڊ ڪينر چيو آهي ته جڏهن هڪ مادي جا اليڪٽرون لهي ٻئي مادي تي اچي وڃن ٿا ته ان عمل کي برقي سڪوني(اسٽيٽڪ اليڪٽرسٽي) چيو ويندو آهي. ماهرالقادري ٻڌايو ته هن ڪيترائي ماده آزمايا جن مان سليڪون مان ٺهيل نينوجنريٽر سڀني کان سٺو ڪم ڪيو، ان ٿري ڊي پرنٽنگ سان اليڪٽروڊ تيار ڪيا آهن ۽ ان کي خاص قسم جي جوتن هيٺان لڳايو ويو آهي پر ان سان بجلي جو معمولي مقدار مس حاصل ٿيو آهي، البت ٽي اي اين جي ۾ شمسي پينل هڻي ان کوٽ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر ماهر ۽ ٻيا چون ٿا ته زمين جي چار ڪروڙ 60 لک مربع ڪلوميٽر تي برف پوندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڏي پيماني تي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي، هڪ ماڻهوءَ لاءِ ته ڪافي ڪارآمد ان وقت آهي جڏهن هو برف تي هلي يا ترڪي ته ساڻس گڏ فون ۽ ٻين هٿ جيترن اوزارن لاءِ بجلي ٺاهي سگهي. ان کان علاوه برف سان بجلي ٺاهيندڙ ٽي اي اين جي سان موسمياتي اسٽيشن ۽ ٻين اوزارن کي بجلي ڏيڻ ممڪن هوندي ۽ ان لاءِ ٻاهرين ذريعن وٽان بجلي حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، هي تفصيل نيو انرجي ۾ شايع ٿيا آهن. 

Read Previous

بلڊ پريشر جي عام دوا استعمال ڪندڙ نمونيه ۽ فلو کان به محفوظ رهندا: تحقيق

Read Next

ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي شوق هڪ ٻئي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

Most Popular