ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي شوق هڪ ٻئي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي::ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ  جي جنون سبب هڪ ٻيو نوجوان روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته سندس 3 دوست زخمي ٿي پيا.   رپورٽ موجب  ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ جي شوقين ماڻهن جو انگ لکن ۾ آهي. جيڪي پنهنجي وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪندا آهن. ان دوران هزارين نوجوان مختلف اندازن ۾ وڊيو ٺاهي ايپ تي ڊائون لوڊ ڪندا آهن جنهن سبب گذريل هڪ سال کان ڪيترائي نوجوان پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن.  ذريعن موجب ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي 4 دوست ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندڙ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا. جنهن ۾ 13 سالن جو سلمان نالي نوجوان حياتي وڃائي ويٺو. جڏهن ته سندس 3 دوست زخمي ٿي پيا.  پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو اڄ شام جو لياري ايڪسپريس وي تي ان وقت پيش آيو هو جڏهن چارئي نوجوان ايڪسپريس وي تي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيا هئا ته پويان  ايندڙ هاءِ روف گاڏي کين ٽڪر هنئي. واضح رهي ته ان کان اڳ گوجرانوالا جو هڪ نوجوان ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي چڪر ۾ پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو هو.

Read Previous

برفباري مان بجلي ٺاهڻ جو انقلابي اوزار ٺهي ويو

Read Next

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اعجاز شاهه

Most Popular