لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو: شهزاد اڪبر

لاهور: :وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  گذريل ڏينهن لاهور ۾ (ن) ليگ  جي احتجاج جي حوالي سان شهزاد اڪبر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته زنده دل لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي(ن) ليگ جي فلاپ شو نوازشريف جي هارايل سياست جا راز فاش ڪري ڇڏيا.  مسلم ليگ هنن جي ضدي اولاد جي ڏوهن جو وزن کڻڻ کان قاصر آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران جي  خاص صلاحڪار شهباز گل پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته لاهور گذريل ڏينهن نوازشريف ۽ مريم نواز جو بيان رد ڪري ڇڏيو. پاڪستان مخالف پروپيگنڊا هلڻ نه ڏينداسين.  مسلم ليگ جو ووٽر هجي يا ڪوبه پاڪستاني اهو پاڪ فوج سان محبت ڪندو آهي. گذريل هفتي نوازشريف لنڊن ۾ جنهن سفارتخاني  ۾ ملاقات ڪئي ان جو جواب ڏيڻو پوندو.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اعجاز شاهه

Read Next

سياري جي موسم ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو سبب بڻجي سگهي ٿي: عمران خان

Most Popular