مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اعجاز شاهه

اسلام آباد: :گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب گهرو وزير اعجاز شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته انصاف کان سواءِ قومون ۽ ملڪ ترقي نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ ٺهڻ کان پوءِ مختلف سازشون شروع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ والاريل ڪشمير سازش جي تحت ڀارت کي ڏنو ويو هو پر ملڪ جي خلاف اڃان به سازشون جاري آهن. گهرو وزير چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ شخص بيماري جو بهانو بنائي پرڏيهه ڀڄي ويو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي جهاز ۾ ويهندي ئي ان جي بيماري صحيح ٿي وئي. ان کان اڳ مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت عوام جي بجاءِ مافيا جا کيسا ڀري رهيا آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جي سزا عوام ڀوڳي رهي آهي.

Read Previous

ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي شوق هڪ ٻئي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

Read Next

لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو: شهزاد اڪبر

Most Popular