سياري جي موسم ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو سبب بڻجي سگهي ٿي: عمران خان

عمران خان

اسلام آباد: :وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته امڪان آهي ته سياري جي موسم جي شروعات ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سماجي رابطي جي سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪجهه ٻين رياستن جي مقابلي ۾  رب پاڪ اسان مٿان مهرباني ڪئي آهي ۽ اسان کي ڪورونا وائرس جي خطرناڪ اثرن کان بچايو آهي پر امڪان آهي ته سياري جي موسم جي شروعات ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جي شروعات جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته مان سڀني سان گذارش ڪريان ٿو ته ڪيسن جو انگ وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ عوام  ماسڪ جو استعمال ڪري، سمورين آفيسن ۽ ادارن کي يقيني بنائڻو پوندو ته ان جا ملازم ماسڪ ضرور استعمال ڪن.

Read Previous

لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو: شهزاد اڪبر

Read Next

ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: نو شادي هال ۽ هڪ سئو اوڻهٺ هوٽلون سيل

Most Popular