ايمن خان انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ايمن خان سوشل ميڊيا  ايپ انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پاڪستاني اداڪاره جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهي. گذريل ڏينهن هم ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان(هم سوشل ميڊيا ايوارڊ) جي تقريب رکي وئي هئي جنهن ۾ ايوارڊ ڏنا ويا.  ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب ۾ جتي مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ ڏنا ويا آهن. اتي اداڪاره ايمن خان کي انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ اداڪاره جو خصوصي ايوارڊ ڏنو ويو. ايمن خان کي ايوارڊ ڏيڻ وقت انسٽاگرام تي ان جي فالوورن جو انگ 7.3 ملين يعني 73 لک هئي جيڪا هاڻ وڌي 7.4 ٿي وئي آهي. ايمن خان تقريب ۾ پنهنجي مڙس منيب بٽ سان گڏ شرڪت ڪئي. هن ايوارڊ سان گڏ پنهنجي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ايوارڊ کي پنهنجي مداحن، فيملي ۽ دوستن جي نالي ڪندي  هم ٽي وي سميت سمورن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪيو.

Read Previous

سشانت سنگهه جي فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، اهم انڪشاف

Read Next

عثمان وزير انڊونيشين مخالف کي شڪست ڏئي ايشين باڪسنگ ٽائٽل کٽي ورتو

Most Popular