سشانت سنگهه جي فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، اهم انڪشاف

ممبئي: (آچر 04 آڪٽوبر 2020ع)اڀرندڙ ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه جي لاش جي فرانزڪ رپورٽ جاچ آفيسرن جي حوالي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه غلط فهمين کي به رد ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب آل انڊيا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ سشانت سنگهه راجپوت جي فوت ٿيڻ بابت تفصيلي ميڊيڪل رپورٽ سي بي آءِ جي حوالي ڪئي وئي آهي.رپورٽ  ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته موت جو سبب  ڳچي ۾ پيل ڦاهو آهي. ان کان علاوه جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان نه آهي ۽ نه ئي زبردستي ڪرڻ جون شاهديون مليون آهن. ايمز جي فرانزڪ رپورٽ جي سربراهه ڊاڪٽر سدهير رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته اداڪار سشانت جي موت جو سبب قتل يا منشيات نه پر آپگهات آهي. سشانت جي ٽيسٽ ۾ جسم جي اندر منشيات جي موجودگي به ثابت ناهي ٿي. سشانت جي لاش جو فرانزڪ ايڪرائمن ڪرڻ جي لاءِ 7 رڪني ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي وئي هئي. سشانت ڪيس ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهم اڳڀرائي سامهون اچي رهي آهي.  جاچ جي دوران بالي ووڊ ۾ منشيات جي استعمال ۽ خريد وڪرو جي حوالي سان به شاهديون مليون هيون جنهن کان پوءِ نيشنل نارڪو ٽيڪس بيورو سشانت جي گرل فرينڊ ريا چڪروتي کي ان جي ڀاءُ سميت گرفتار ڪيو ويو هو

Read Previous

مسجد الحرام ۾ اڄ کان مرحليوار عمري جي ادائيگي شروع ٿي وئي

Read Next

ايمن خان انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي

Most Popular