عثمان وزير انڊونيشين مخالف کي شڪست ڏئي ايشين باڪسنگ ٽائٽل کٽي ورتو

اسلام آباد: :پاڪستان جي باڪسنگ اسٽار عثمان وزير انڊونيشين مخالف بوريا بلڊوز کي شڪست ڏئي ايشين ٽائٽل کٽي ورتو آهي.  عامر باڪسنگ جمنازيم ۾ جاري ٽن ڏهاڙن واري مقابلي جي پهرين ڏينهن پاڪستاني باڪسر ڇائنجي ويا. گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ عثمان وزير جي زوردار ٺونشن کي بويا بلڊوزر منهن نه ڏئي سگهيو هو 10 رائونڊز جي مقابلي ۾ چوٿين رائونڊ ۾ ئي ڍير ٿي ويو. نادر خان فيدر ويٽ ڪيٽيگري ۾ افغان مخالف کي شڪست ڏني. آصف هزاده به افغانستان جي حاسين الله جي خلاف ڪامياب قرار ڏنو ويو. ڪامران وهاب هم وطن محمد زمان جي خلاف فتح ماڻي. بلال محمود افغاني مخالف امين الحق کي شڪست ڏني.

Read Previous

ايمن خان انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو، نه گھاٽ جو.

Most Popular