مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو، نه گھاٽ جو.

يد غلام حيدر شاهه قلندري.

موجوده دور جي ھر ھڪ فيلڊ ۾ خاص طور تي ھڪ يڪسانيت ملي ٿي، يعني نئي جديد طريقي سان پنهنجو پاڻ کي وڻائڻ، جنهن جي لاءِ مختلف طور طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا، انھن مان عام چوڻي ۾ چاپلوسي يا پراڻو لفظ چمچا گيريءَ جي ذريعي به هڪ طريقو آهي. ٺيڪ آهي پاڻ ٿوري دير اُھو تسليم ڪري به وٺون ته اھو رواج تمام گھڻو پراڻو آهي، وقت جي بادشاهن جي اڳيان وزيرن جي وقتن به وقتن حد درجي کان وڌيڪَ آڳي پيڇي به اُهو ثابت ڪري ٿي ته اھو رواج تمام گھڻو پراڻو آھي، ھر آفيس کان وٺي ھر اوطاق تائين، ھر ليڊر ۽ ھر وڏيري جي اڳيان اھڙا رنگيلا رنگين ھمراھن جا ديرا ڃميل ھوندا آھن، ٻئي ڪنھن لاءِ جڳهه خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا، هاڻ ته وري فيسبڪ به وڏو ڪارنامو ڏئي رهيو آهي، بس ڪنھن هلندڙ گهمندڙ شخصيت جي تعريف ۽ سندس سيلفيون وري تعريفن جا ٺڪاءُ اهڙا پيا ھڻندا جو ڌڻي پاڻ ويچارو لڄي پيو ٿيندو ته اھڙيون خوبيون مون ۾ به آهن!. ائين به ناهي جو سڄو جھان ڪو گدڙن کاڌو ھجي، پر اھو به سچ آھي ته گدڙن کي ڀڄائڻ وارن ڪتن وفادارن ۾ ضرور ڪمي آئي جو ان جي جڳهه تي بگهڙن جاءِ ولاري آھي، جيڪي ھر طرف نموني نموني جي رنگن ۾ ظاھر ٿي سامھون اچن پيا، انهن جون عادتون ۽ وارداتون ساڳيون آهن فقط جسامت جي اعتبار سان فرق اٿن، رنگ روپ ۾ انسانن جي شڪل جيان نظر اچن پيا، اھا به ڳالهه سچ آھي ته سج لھي ۽ اڀري پيو، بيشڪ ڪو شڪ ناھي پر اکين جي نظر ۾ ڦير ضرور اچي وئي آهي، سج جي اڳيان اڻ کُٽ نفرتن ۽ عداوتن جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن، ذھني موسمن جي تبديلي به وڏا رنگ ڏئي ڇڏيا آهن، اڳڪٿيون به ڪوڙيون نڪريو وڃن، وفائون ۽ وفاداريون، محبتون ۽ ھجتون به قائم آھن، بلڪل معتبر انسان دوست، الله ترس، حيا ۽ شرم جا رکوالا، بااخلاق فرد ھر قسم جي فيلڊ ۾ موجود آھن، تڏھن ڪارساز ھلي پيو، پر اُھي بي وس اٺن ھٿيار ڇڏيا زماني جي ظاھري خوشامدي ٽولن جي سامھون لاچار ٿي منھن گوڏن ۾ ھڻي پنهنجي ضمير جي مداخلت جي ڪري يا ته خاموش ٿي ٿا وڃن يا مصلحت پسنديءَ جو شڪار ٿي ماٺ ۾ عافيت سمجھي ڪنڌ لوڏڻ تي مجبورن آمده ٿيو پون ٿا، اڃان اڇو کير جانور ڏئي پيو، اھا ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ ملاوٽ ضرور ٿئي پئي، نه ته جانورن جي خوراڪ جا پئسا به نٿا بچن، منهنجي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ان وقت جا راجا ريجھي ويندا ھئا اڄڪلهه جا راجا وڏا ڄاڻو ۽ سمجھو آھن، ائين دوست ۽ يار سمجھو ته ھر طرف وڏي کان ننڍو ٻئي کي ڦاسائڻ جي چڪر ۾ مصروف عمل آھي، اھڙي ريت اندر ۾ ڪات ڪهاڙا ڇريون تکيون ڪري ظاھر ملڻ وقت دوست ۽ سڄڻ جو روپ ڏين ٿا، جيڪڏهن اهڙا چھرا نمودار ٿي اچن انھن سان اھڙو ڪم ڪجي جو ڪتو نه گھر جو نه گھاٽ جو رهي

Read Previous

عثمان وزير انڊونيشين مخالف کي شڪست ڏئي ايشين باڪسنگ ٽائٽل کٽي ورتو

Read Next

سنڌي ماروئڙين جي دانهن ڪير ٻڌندو !

Most Popular