سنڌي ماروئڙين جي دانهن ڪير ٻڌندو !


محمد اظهر رند

سنڌ جا سامونڊي ٻيٽن ڏنگيءَ ۽ ڀنڊار تي وفاق جو قبضو وارو آرڊيننس بل پاس ٿيڻ سان الڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هن موضوع بحث مباحثه جو جتي ڌيان جو مرڪز رهيو اتي عوام ڪاوڙ جو اظهار مزاحمت مختلف طرح سان به رڪارڊ ڪرائي . هن موضوع جي اچڻ سان سنڌي قوم کي دلي صدمو رسيو آهي . ڇاڪاڻ تي سنڌ ڌرتيءَ هن قوم جي ماءُ آهي ، ان امڙ سان ناروا وارو سلوڪ هتان جا مائروائڙا ڪڏهن به برداشت نه ڪندا ، پهريان کان ئي ڪيترائي مسئلا سرڪار پيدا ڪيا آهن ان ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار جو مسئلو ، غير قانوني ڪيترائي شهر آڏيڻ ان ۾ بحريا ٽائون ، پيرائيڊائز سٽي ، ڪمانڊر سٽي ، ايڇ ڊي اي سٽي ، سميت سنڌي ڳوٺن جا گهر ڊاهي بلڊر مافيا کي ڏي سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آهي ، جنهن جو ذميوار چونڊيل نمائيندا ملوث آهن ، ڇاڪاڻ تي انهن کي عوام چونڊي ڪري عوانن ۾ پهچائي ٿو ، انهن جي ذميواريءَ آهي تي هو پنهنجا فرائض ڪيئن نڀائين ٿا . جيڪڏهن انهن کي ڪرسيءَ ملي آهي تي اها به عوام جي ووٽن سان ، اقتدار اختيار به ملي ٿو . پر جڏهن نمائيندا ڪرسيءَ جي حوس نشيءَ ۾ اچي سڀ جو سڀ واعدھ وسريو وڃن ۽ لالچ جي زنجير ۾ جڪڙجي وڃن ٿا . اهڙا فيصلا ڪن ٿا جيڪي قوميت تهذيب کي نقصان پهچڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿا ڇڏين . انهن منجهان سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ پڻ آهن ڏنگيءَ ۽ ڀنڊار جيڪي سنڌ جي ملڪيت آهن انهن تي وفاق پورٽ قاسم جي ملڪيت ڄاڻي انهن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ وزيراعظم آرڊينينس بل به رات جي اونداهين ۾ بل پاس ڪيو ويو آهي ، قانوندانن جي ماهرين جي قانوني آئين ۾ ٻيٽ جيڪي شهر سان لڳندا ، ويهجا هوندا اهي اتان جي صوبي جي ملڪيت قرار ڏنو ويو آهي . سنڌ جا وسيلن جي ڦر لٽ مار جو سلسلو ڪو هي نئي ڳالھ تي ناهي ، سدائين هتان جا وسيلن تي وفاق جو قبضو رهيو آهي . اهو نوڪرين جي منصفاڻا ورڇ ، پاڻي جي ورهاست ، تيل گيئس ، معدنيات ، روينو ، ٽول ٽيڪس جي آمدني جو وڌيڪ حصو مرڪز جي کاتي ۾ جمع ٿي ٿيو ، ان جي ابتڙ اين ايف سي ايوارڊ ۾ لولي پاپ جيان فنڊ مهيا ڪن ٿا . سنڌ ۾ موجودھ وقت حڪمران پارٽي جڏهن نيب جا ڪيس لڳن ٿا تي ارڙهين ترميم ياد اچو وڃي ، ۽ سنڌ جا حقن تي ڌاڙا لڳن ٿا تي خاموشي ٿيو وڃي . پوءِ ٿيندو اهو آهي تي هتان جا ماڻهون قومپرست ، اديب ، دانشورين تي ميارون پيا ڏيندا پيا تي سنڌ سان اهڙا هاڃان ٿين پيا پر اها مجرماني خاموش غفلت بڻيل آهن ، جڏهن ووٽن جو وقت اچي بيهي ٿو تي اهي لاٽون اهي چڳ واريءَ سوچ سان ساڳيان نمائيندا چونڊين ٿا . سنڌي ۾ چوڻيءَ آهي تي جهڙا ڪان تهڙا بچا ، پوءِ اسان واريءَ عوام گهوڙا ئي اسان سان ظلم ٿي ويو . جيڪي وفاقي سياست ڪن ٿيون اهي پنهنجي مفادن کي گهڻي اهميت ڏين ٿيون ، انهن کي صرف اقتدار گهرجي ڪرسي کپي ، ڀلي عوام بک بدحالي جو شڪار ٿئي انهن کي پرواھ نه ڪندا آهن . اهي ڌارين کي شناختي ڪارڊ کان وٺي انهن جي روزگار تائين انهن جو ساٿ ڏين ٿا . سنڌ ۾ ڪيترائين سالن ۾ برساتون نه ٿينديون ۽ پاڻيءَ نه ايندو آهي سنڌو درياءَ ۾ واريءَ اڏاميندي آهي ڊيلٽا تباهي ٻيلا تباھ برباد ٿيو وڃن ، ٿر ۾ هر سال خشڪ حالي سبب هزارين جي تعداد ۾ مالوندين جو مال مويشي جانور لاءِ پاڻي نه هوندو آهي اهي اڃ مرندا آهن ٻار موضي مرض ۾ تڙپي مرندا آهن ، اتي صدارتي آرڊينينس بل سڌارڪ لاءِ پاس نه ٿو ٿئي اچي اچي سنڌ جي سونهن کي برباد ڪرڻ حڪم جاري ٿين ٿا ، پرسرار گورنر هاوس ۾ ميٽنگون ٿين ٿيون ڪڏهن ڪراچي ڪاميٽي ٺهي تي ڪڏهن سنڌ جي راڃڌانيءَ شهر کي فوج حوالي جون رٿابنديون جوڙين ٿيون . اهڙا ناروا وارا سلوڪ ٻئي صوبي سان نه صرف سنڌ سان آهي . هتان جو عوام کي هاڻي باشعور جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ، ايئن نه ٿي جو دير ٿي وڃي ۽ پوءِ ٻئي هٿ مٿي تي رکي پڇتائڻو پوي .

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو، نه گھاٽ جو.

Read Next

منھنجي بابا علي محمد شر جي تڌارڪ ڪئي وڃي!

Most Popular